ملڪ ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر رجسٽرڊ، ايندڙ ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن جي تصوير به شايع ڪئي ويندي: وفاقي حڪومت جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اپوزيشن ميڊيا ميڊيا ۽ وڊيو وڊيو کيڏي رهي آهي پي ڊي ايم 3 اجلاس ڪري چڪي پر ڪوئي نتيجو ناهي نڪتو تحريڪ جي ٽرين اپوزيشن کان نڪري چڪي آهي تحريڪ هلائڻ جو بهتري وقت اهو هو جڏهن فضل الرحمان پهريون ڀيرو اسلام آباد آيو هو جيڪڏهن اڪيلو به پشاور ۾ جلسو ڪريان ته پي ڊي ايم کان وڏو ڪندس اسان جي خوشقسمتي آهي جو اهڙي نالائق اپوزيشن ملي آهي جيڪڏهن اليڪشن وڙهيس ته اميد آهي ته الله عزت ڏيندو ملڪ ۾ هن وقت 12 ڪروڙ ووٽرز رجسٽرڊ آهن مارچ اپريل ۾ مڪاني چوندون ٿيون عمران خان پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪندو ڀارت وساري ڇڏي ته سرحدن سان هٿچراند ڪري سگهجي ٿي. اهڙو سبق سيکاري ڇڏينداسين جو گذريل سڀ انتقام برابرٿي ويندا ايندڙ ووٽر لسٽن ۾ نالي سان گڏ تصويرون به شامل هونديون اربع تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چوندون ويجهو اچڻ تي تڪ جي اعبار سان موبائيل فون تي ووٽرز کي تڪ جي لحاظ کان چوڊن بابت سهولت فراهم ڪئي ويندي ان ۾ عارضي ۽ مستقل نمبرن وارن وٽ آپشنز هوندا هن چيو ته خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان جي ڏورانهين علائقي ۾ جتي ووٽرز عورتن جي رجسٽريشن جو مسئلو آهي انهن لاءِ اتي جو ليڊيز عملو مقرر ڪيو ويندو شيخ رشيد چيو ته اليڪترانڪ ووٽنگ مشين تي وزرياعظم ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن سان گڏجي معاملا طئي ڪندي هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني پي ٽي آئي ڪرنگهو جي حيثيت هوندا ۽ تمام گهڻي سپورٽ ملندي ڇو ته عمران خان کي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڏي حمايت حاصل آهي. هڪ سوال تي گهرو وزير چيو ته اپوزيشن 3 اجلاس ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت تائين ڪوئي نتيجو ئي نه نڪتو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *