ملڪ ۾ گئس جو نه حڪومت جو بحران آهي: مراد علي شاھھ

اسلام آباد (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئون ڪمينٽ نه ٿو ڪري سگهان ته آخري ڏينهن تي بلدياتي ايڪٽ بابت ڪيس تي فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اهو ايئن آهي منهنجي مُدي جو آخري ڏينهن آهي ته اهڙا فيصلا ڪريان، جنهن جا ڏور رس اثر هجن، چيف جسٽس بااختيار آهي، هو ايئن ڪري سگهي ٿو، مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي پاسداري ڪئي آهي، پوءِ به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل لاءِ مڪمل تيار آهيون، هن چيو آهي ته فيصلي ۾ ڪا شئي غيرمناسب لڳي ته نظرثاني اپيل جو آپشن موجود آهي، وزيراعظم، وڏي وزير، ڪابينا ۽ اسيمبليز جا اختيار لوڪل ڪائونسلز کي ڏيون ته پوءِ ٻيا گهر ويهي رهن، وڏي چيو آهي ته ٿر ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن، بلاڪ ون ۾ 175 ميٽرن جي اونهائي ۾ ڪوئلو مليو آهي، ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي هوندي، اها بجلي پاڪستان جو نالو روشن ڪندي، هن چيو آهي ته گئس نه پر حڪومت جو بحران آهي، گئس جي ورڇ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن صوبي ۾ گئس پيدا ٿئي ٿي اتي گئس ناهي، هن چيو ته ڪالهه ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جا ماڻهو ملڻ آيا، واپاري سراپا احتجاج آهن، حڪومت بي ايماني سان اسٽيٽ بئنڪ جو بل سينيٽ مان پاس ڪرايو، حڪومت وٽ گهربل انگ به ناهي، هن چيو ته سينيٽ جي اسپيڪر بل پاس ڪرائڻ لاءِ ڳڻپ ۾ تبديلي ڪري ڇڏي، بل ذريعي ملڪ ۽ معيشت کي آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته حڪومت جي اها پاليسي بڻجي وئي آهي ته پنهنجي غلطين جو ملبو گذريل حڪومت تي وجهي ڇڏجي،اسان آرٽيڪل 144 جا پابند آهيون، ڪرونا جي لهر ۾ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪئي، هن چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻينداسين، ڪرونا وائرس جي موجوده وبا ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو آهي ته  پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي حڪومت پڪڙ ڌڪڙ شروع ڪري ڇڏيون آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *