ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 39 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان به گهٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 39 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان به گهٽ ريڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 54647 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1043 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 39 فوتگيون پڻ ٿيون. سرڪاري پورٽل موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو کان به گهٽ رهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي فوتگين جو انگ 21913 ٿي ويو ۽ ڪل ڪيسن جو انگ 9 لک 46 هزار 227 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين وائرس سبب 8 لک 88 هزار 505 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *