ملڪ ۾ ڪورونا خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، هڪ ڏينهن ۾ 100 مريض فوت

اسلام آباد/رياض  (اين اين آءِ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس وگهي 100 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4084 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي ويئي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جون 46269 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 4084 ماڻهن ۾ ڪرونا جي تصديق ٿي وائرس وگهي 100 مريض فوت ٿي ويا ملڪ ۾ گذريل 8 مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ هي سب کان وڌيڪ فوتگيون آهن هن کان اڳ گذريل 5 جولا3 تي ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 93 فوتگيون رپورٽ ٿيون هيون سرڪاري پورٽل مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8.8 سيڪڙو رهيو سرڪاري پورٽل مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتگين جو انگ 14356 ٿي ويو ۽ ڪل ڪيس 6 لک 38200 ٿي ويا آهن فعال ڪيسن جو انگ 48566 آهي ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2081 مريض ڪرونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 600278 ٿي ويو آهي سرڪاري پورٽل مطابق سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو گڏيل انگ 265158 ٿي ويو آهي، 4495 ماڻهو هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پنجاب ۾ 217694 مريض ۽ 3819 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ 19535 مريض ۽ 207 فوت ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 86044 مريض 2319 فوت ٿي چڪا آهن آزاد ڪشمير ۾ 12549 مريض ۽ 350 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪرونا جي مريضن جو انگ 5016 ۽ 103 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پورٽل مطابق اسلام آباد ۾ ڪرونا جي مريضن جو گڏيل انگ 57204 آهي ۽ هن وقت تائين 563 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.  ڪرونا وگهي سڄي دنيا ۾ فوتي مريضن جو انگ 28 لک کان وڌي ويو آهي، وائرس سان متاثر ماڻهن جو انگ 12 ڪروڙ 81 لک کان وڌيڪ رڪارد ڪيو ويو جڏهن ته 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن ٻئي پاسي سعودي  عرب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا 541 نوان ڪيس رجسٽرڊ ٿيا رياض مان سعودي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي مطابق سعودي عرب ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 3 لک 88 هزار 866 ٿي ويو آهي پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو گڏيل انگ 14 هزار 256 ٿي ويو آهي جڏهن ته مريضن جو گڏيل انگ 6 لک 59 هزار 116 ٿي چڪو آهي ڀارت ۾ هن وقت تائين عالمي وبا ڪرونا وئرس وگهي هڪ لک 61 هزار 881 ماڻهو فوت جڏهن ته هڪ ڪروڙ 20 لک 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن ٻئي پاسي چين جي شهر ووهان جو دورو ڪندڙ عالمي صحت واري اداري جي ٽيم جي آخري رپورٽ ۾ ڪرونا وائرس ليبارتري مان پکڙجڻ جو امڪان رد ڪري ڇيو رپورٽ ۾ چيو ويو ته وائرس جا چمڙي مان ماڻهن ۾ پکڙجڻ جا امڪان تمام وڌيڪ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *