ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 155 نوان ڪيس ظاهر، 55 فوت

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا ڪلاڪن اندر وڌيڪ 2 هزار 155 نوان ڪيس ۽ 55 فوتگيون رپورٽ ٿيون. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 155 نوان ڪيس ۽ 55 فوتگيون رپورٽ ٿيون. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪيس 4 لک 77 هزار 240 ۽ فوتگين جو انگ 10 هزار 47 ٿي ويو. سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 2 لک 13 هزار 193، پنجاب ۾ 1 لک 37 هزار 295 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 57 هزار 982، اسلام آباد ۾ 387 هزار 556 ۽ بلوچستان ۾ 18 هزار 118 انگ، آزاد ڪشمير 8242 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4855 انگ ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ سينٽر موجب سنڌ ۾ 3520 ۽ پنجاب ۾ 3982 فوتگيون ٿي چڪيون، خيبرپختونخواهه ۾ 1627 ۽ اسلام آباد ۾ 415، بلوچستان ۾ 182 ۽ گلگت بلتستان 10 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا سبب فوتگيون 220 ٿي ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *