ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري ، وڌيڪ 118 مريض فوت، 4 ھزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ ڏينهن اندر 118 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 50520 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4318 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 118 فوتگيون ٿيون. سرڪاري پورٽل موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.5 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جوا نگ 15619 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 7 لک 29920 تائين وڃي پهتو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 76034 آهي. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3432 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 638267 ٿي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 269474 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4530 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو گڏيل انگ 252974 آهي ۽ 7062 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو گڏيل 20397 ۽ فوتگيون 217 ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 100275 ۽ 2683 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 14687 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 407 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 5130 ۽ 103 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. پورٽل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 66983 آهي ۽ هن وقت تائين 617 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.  ٻئي طرف رٿابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير اسد عمر واضح ڪيو ته ڪرونا وائرس جي ويڪسين جي سپلاءِ اميد مطابق ٿي ته عيد کان پوءِ سمورن پاڪستانين لاءِ ويڪسينيشن کولي ڇڏينداسين ڪرونا جي ٽين لهر ۾ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي روزانو 60 کان 70 هزار ويڪسين لڳائي پئي وڃي جيئن جيئن اوهان جي عمر جي ويڪسين ايندي ويندي اوهان جو ان حساب کان اڳ وارو ايندو ويڪسينيشن جي ايندڙ سپلاءِ جي هڪ ٻن ڏينهن ۾ تاريخ سامهون اچي ويندي جنهن جي حساب سان اسان ويڪسينيشن جي عمل لاءِ وڌيڪ اعلان ڪناسين ملڪ جي اتر صوبن ۾ وبا جو پکڙجڻ وڌي چڪو آهي ڏکڻ صوبن ۾ به ان جي پکڙجڻ ۾ تيزي اچي سگهي ٿي جيڪڏهن اسان ايندڙ 2 هفتا محنت ڪريون ته ان سان اسان جي صحت جي به حفاظت ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهن جو روزگار به هلندو رهندو رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ ماڻهن جو بازارن ۾ اچڻ وڃڻ وڌيڪ ٿيندو آهي عوام ايس او پيز تي عمل ڪري نيشنل پريس ڪلب جي پروگرام ميٽ دي پريس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي اسد عمر چيو ته اسان کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ اهو نطر اچڻ شروع ٿيو ته ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. اسان کي شڪ ٿيو ته ڪٿي هي برطانوي وائرس ته نه اچي ويو تحقيق تي خبر پئي ته سچ پچ ۾ هي برطانوي وائرس ئي آهي ڇو ته هتان وڏي انگ ۾ ماڻهو برطانيا اچن وڃن ٿا. جنهن کان پوءِ اسان ڪوشش ڪئي ته انتظاميه ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ڪرونا کان بچاءُ ۽ حفاظتي اپائن جي حوالي سان پنهنجو پيغام عوام تائين پهچايو وڇي پر شايد ماڻهن جي دلين مان ان جو ڊپ ختم ٿي ويو ڇو ته نه عوام ان طريقي سان ايس او پيز تي عمل ڪيو ۽ نه ئي انتظاميه ماڻهن کان ان تي عمل ڪرائي سگهي جنهن سبب هي وبا سڄي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجي ويئي. پنجاب اسلام اباد، ڪي پي، آزاد ڪشمير کان پوءِ هاڻي بلوچستان 7 سنڌ ۾ به برطانوي وائرس جي پکڙجڻ ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي جنهن کان پوءِ اسان گذريل 8 کان 10 ڏينهن کان سختي ڪئي آهي جنهن سبب هڻي هن وائرس ۾ گهٽتائي ته ناهي ٿي جڏهن ته ان ۾ ڪجهه تيزي گهٽ ٿي آهي هاڻي جڏهن ته رمضان شروع ٿيو آهي جنهن جي آخري ڏهاڪي ۾ ماڻهو عبادتن ۾ مصروف هوندا آهن ۽ بازارن ۾ خريداري لاءِ نڪرندا آهن جتي پيهه هوندي آهي ان لاءِ هتي هاڻي احتياط جي سخت ضرورت آهي ڇو ته خدا نه ڪري جيڪڏهن هي وبا وڌيڪ تيزي سان پکڙي ته حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا ۽ ان جو اثر ماڻهن جي روزگار تي پوندو ۽ پوءِ هي اثر گهمي ڦري حڪومت تي ايندو اسد عمر چيو ته دنيا ۾ جيتري ويڪسين جي طلب آهي ايتري سپلاءِ نه آهي آمريڪا ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي اهي جڏهن ته ان جي پنهنجي آبادي گهڻي هجڻ جي ڪري اهو ويڪسين وڌيڪ مقدار ۾ ٻين ملڪن ڏانهن نٿو موڪلي سگهي ان کان پوءِ چين ڀارت ۽ روس سڀ کان وڏو ذريعو آهن جن کان پاڪستان سميت هر ملڪ ويڪسين وٺڻ جو خواهشمند آهي پاڪستان ۾ روزانو 70 هزار ڊوز لڳايا پيا وڃن ملڪ ۾ هن وقت تائين 13 لک ماڻهن کي ڪرونا کان بچاءُ جا ويڪسين ڊوز لڳي چڪا آهن جڏهن ته هاڻي به اسان وٽ 9 لک ڊوز کان اڃا وڌيڪ آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته عيد کان پوءِ روزانو ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين ڪري سگهجي صدر ۽ وزيراعطم سميت آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهن به پنهنجي واري جو انتظار ڪيو ۽ ويڪسين هڻائي وزيراعظم عمران خان کي ويڪسين لڳائڻ کان اڳ انفيڪشن ٿي چڪو هو وفاقي وزير ٻڌايو ته پوڙهن ماڻهن ۾ نوجوانن جي ڀيٽ ۾ وائرس سان متاثر ٿيڻ جا وڌيڪ چانس ٿيندا آهن. 18هين ترميم کان پوءِ هڪ ٽڪو به ناهي لڳايو پرائيويٽ سطح تي 18700 سرڪاري 13 لک ماڻهن کي ڊوز لڳي چڪا آهن تنهنڪري پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو انهي ڪري ان تي تنقيد اجايو آهي. ان موقعي تي اين پي سي جي سيڪريٽري انور رضا به وفاقي وزير کي نيشنل پريس ڪلب جي پروگرام ميت دي پريس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀيلڪار چيو ان کان اڳ وفاقي وزير اسد عمر جي نيشنل پريس ڪلب پهچڻ تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر شڪيل انجم سيڪريٽري انور رضا، جوائنٽ سيڪريٽري نديم چوڌري ۽ ٻين سينيئر صحافين شاندار استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *