ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 70 مريض  فوت، 3 هزار 239 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا وار جاري، گذريل 24 ڪلاڪن  دوران ڪورونا جا 70 مريض  فوت ٿي ويا، 3 هزار 239 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد24 هزار 783 ٿي ويو ۽ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 ڏهائي 23 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا مجموعي ڪيسز 11 لک 16 هزار 886 تائين پهچي ويو. هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دورن ملڪ ۾ 3 هزار 27 مريض به ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 10 لک 2 هزار 430 ٿي ويو آهي، ٻِئي طرف ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 10 انساني جانيون ضايع ڪري ورتيون، جڏهن ته 1039 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا جي صورتحال تي بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14110 نمونن جي جاچ ڪئي وئي ۽ 1039 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪيسن جو مجموعي انگ 418461 ٿي ويو آهي.  سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ائين فوتين جو مجموعي انگ 6566 تي پهچي ويو آهي. بيان موجب سامهون آيل 1039 نون ڪيسن مان 525 جو واسطو رڳو ڪراچي سان آهي، اوڀر ضلعي ۾ 181، ڏکڻ ۾ 122، سينٽرل ۾ 104، ڪورنگي ۾ 64، اولهه ۾ 34 ۽ ملير ۾ 20 ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت 47440 مريض علاج هيٺ آهن، 46149 گهرن، 34 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1257 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهي، 1110 مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 86 وينٽي ليٽر تي آهن. بيان موجب اڄ وڌيڪ 1306 ڪورونا مريض صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 364455 ٿي ويو آهي. ڪورونا صورتحال تي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60712 ڄڻن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي، سنڌ ۾ هيل تائين 28.88 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *