ملڪ ۾ ڪورونا جا حملا جاري،وڌيڪ 83 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد/ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 83 ماڻهو فوت جڏهن ته 3902 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 3 هزار 902 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. 4 هزار 387 مريض صحتياب ٿي ويا، هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.44 سيڪڙو ٿي وئي پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 26 هزار 413 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن هن موذي وائرس جي ڪل مريضن جو انگ 11 لک 90 هزار 136 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينه سينيٽرز وينٽِ ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 91 هزار 747 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 5 هزار 389 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 10 لک 71 هزار 976 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 60 هزار 537 ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 82 لک 23 هزار 308 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 لک 97 هزار 615 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين 2 ڪروڙ 58 هزار 377 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 40 هزار 164 ٿي چڪو آهي، فوتگيون ڪل 7 هزار 30 ٿي ويون. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 43 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7073 ٿي ويو آهي جڏهن ته 19945 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1210 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ڪورونا سبب وڌيڪ 43 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7073 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 19945 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1210 ڪيس ظاهر ٿيا  جيڪي 6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5680000 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 440980 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 385495 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ  1126 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 48412 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 47554 گهرن ۾، 43 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 815 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 718 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 65 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1210 نون ڪيسن مان 617 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 239، ضلع ڏکڻ 168، سينٽرل 84، ملير 56، اولهه 36 ۽ ڪورنگي 34 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 173، بدين 50، ٺٽو 47، مٽياري 36، شهيد بينظير آباد 33، ٿرپارڪر 31، ٽنڊو محمد خان 30، عمرڪوٽ 27، دادو 24، ميرپورخاص 21، ٽنڊوالهيار 17، ڄامشورو 15، سکر 10، گهوٽڪي ۽ ڪشمور 9-9، لاڙڪاڻو 5، خيرپور ۽ سانگهڙ 2-2 ۽ نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *