اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وگهي 63 ڄڻا فوت ۽ هڪ هزار 220 ماڻهن ۾ ڪرونا ظاهر ٿي ويئي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن پاران تازن انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 63 ڄڻا فوت ٿي ويا. ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو انگ 5 لک 47 هزار 648 جڏهن ته 11 هزار 746 فوتگيون ٿيون ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 2 هزار 537 ٿي ويو آهي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 38 هزار 813 ماڻهن جون ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون سنڌ ۾ 2 لک 47 هزار 727، پنجاب ۾ هڪ لک 58 هزار 220، خيبرپختونخواهه ۾ 67 هزار 419، بلوچستان ۾ 18 هزار 830، اسلام آباد ۾ 41 هزار 493، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 909 ڪيس رپورٽ جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 9 هزار 50 ٿي ويو.