ملڪ ۾ ڌڪي اسٽارٽ حڪومت آهي، پارليامينٽ کي مفلوج ڪيو پيو وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته آمريت ۾ صدارتي حڪم ذريعي حڪومت هلائي ويندي هئي ۽ آرڊيننس ذريعي حڪومت نٿي ڪري سگهجي، جيڪڏهن ڪو به آرڊيننس آيو ته ان جي خلاف ٺهراءُ آڻينداسين، هڪ سئو ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ناهي ٺاهي وئي، سئو ڏينهن ۾ ڀتيون ڊاهڻ، مينهون ۽ ڪڪڙين جي آنن جي ڳالهه ٿي، حڪمران چونڊيل ادارن جي نفي ڪري رهيا آهن، اسان ائين نه ڪرڻ ڏينداسين، احتساب جي ويس ۾ آمراڻي طرز تي اپوزيشن کي حدف بڻايو پيو وڃي، سليڪٽيڊ وزيراعظم وٽ ڪو به تجربو نه آهي، ڊالر جي قيمت تي وزيراعظم ۽ ناڻي وزير مان ڪو ئي هڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ تي آرٽيڪل 62 ون ايف لڳي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر، شيري رحمان ۽ نير بخاري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شيري رحمان چيو ته اسان گذارش ڪئي هئي ته پارليامان جي ذريعي ملڪ کي هلايو، قانونسازي رڳو پارليامان جي ذريعي ٿيندي، انکانسواءِ قانونسازي ڪئي وئي ته ڀرپور مخالفت ڪنداسين، هاڻ به ملڪن جي دورن جو تفصيل پارليامان ۾ نه پيا ٻڌائين، هن چيو ته حڪومت ۾ موجوده حڪمرانن وچ ۾ تضاد آهي، وزير چون ٿا ته اسان کي علم هو ۽ وزيراعظم چوي ٿو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي، جڏهن ته احتساب جي شڪل ۾ آمراڻي نموني تي اپوزيشن کي حدف بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته اليڪشن نتيجن بابت ڪميٽي تي به يو ٽرن ورتو ويو آهي، حڪومت جي چوڻ تي اها ڪميٽي ٺهي ۽ حڪومت ئي مفلوج ڪري ڇڏي، هي 18 هين ترميم تي سوال نشان اٿاري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان کي ياد ڏيارڻو پوي ٿو ته هو وزيراعظم آهي، هن چيو ته ڇا توهان ڌڪو اسٽارٽ نظام آڻڻ چاهيو ٿا، صدارتي آرڊيننس رڳو ان وقت آڻي سگهجي ٿو جڏهن هنگامي حالت هجي، هن چيو ته وزيراعظم اقتدار جي نشي ۾ وساري ويٺو ته رڳو قومي اسيمبلي ۾ ان جي اڪثريت آهي، صدارتي آرڊيننس کي ڪو به ميمبر هڪ قرارداد آڻي ان کي روڪي سگهي ٿو، پ پ سينيٽر چيو ته ٻئي هائوس هلائڻ جي ذميواري تان پاڪستان تحريڪ انصاف هٿ کڻي چڪي آهي، فرحت الله بابر چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي جون رپورٽون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، فافن رپورٽ موجب 78 هزار فارمن مان 345 فارمز تي صحيحون هيون، 95 سيڪڙو فارم اڻ تصديق آهن، هن چيو ته حڪمران عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪن ته جيئن غائب ماڻهن جو پتو پئجي سگهي، ان موقعي تي نير بخاري چيو ته آمريت ۾ صدارتي حڪم ذريعي حڪومت هلائي سگهجي ٿي ۽ صدارتي آرڊيننس ايمرجنسي ۾ جاري ڪري سگهجي ٿو، آرڊيننس ذريعي حڪومت نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته حڪومت جي عقل ڌوڙ ڄمي وئي آهي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم وٽ ڪو تجربو نه آهي، آرڊيننس ڪو به آيو ته ان جي خلاف ٺهراءُ آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *