ملڪ ۾ وڏي راند لاءِ ننڍي راند شروع؛عاجز جمالي

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۽ ارڙهين ترميم ٻنهي جي حق ۾ هڪ ئي وقت فيصلو ڏيئي سڀني کي خوش ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي چوڻي ”ڪل پيران دا خير“ وانگر سڀ چپ ٿي ويا. ملڪ جي سياست تي وکريل کوڙ سارا مامرا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن پر سڀني مامرن جي هڪ ئي نشست ۾ تجزيو ڪرڻ سولو ڪم ناهي پر ننڍين ننڍين ڳالهين کي سمجهڻ سان سڀ کان وڏي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ڌانڌلين بابت ڪميشن جو فيصلو آيو، جنهن عمران خان جي سياست کي ائين غوطا کارايا جيئن سنڌ جي ڪچي ۾ هن وقت آيل ٻوڏ مان نڪرندڙ ماڻهو کائي رهيا آهن. غوطا کائي جان بچائي ٻوڏ کان نڪري هو جڏهن ميدان تي اچن ٿا ته سندن مدد لاءِ ڪير به نظر ڪونه پيو اچي. لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال عمران خان سان هئي. وري قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ ايم ڪيو ايم کانئس پراڻو حساب چڪتو ڪرڻ لاءِ کين اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ واويلا شروع ڪئي. خير ڪالهه اهو مسئلو ته حل ٿي ويو پر عمران خان جي سياست جو گراف لاڳيتو هيٺ ئي اچي پيو. وٽس ان اسيمبلي ۾ ويهڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، جيڪا اسيمبلي کيس مسلسل خوار ڪري رهي آهي. هڪ طرف عمران خان کي اڳيان رکو ۽ پوءِ اڳتي وڌو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي اهو تاثر ڏنو آهي ته وفاقي سرڪار، عدليه ۽ فوج هڪ ئي وانگر سوچن پيا، جنهن لاءِ اڄڪلهه هڪ ئي پيج يا هڪ ئي صفحو استعمال ڪجي ٿو، پر هن ڪالم جي هڪ ئي پيج تي هڪ ئي وقت ۾ مون ڪيترائي تضاد لکيا. سو هڪ ئي پيج تي گڏ هوندي به ساڳئي وقت ڪيترائي تضاد به گڏوگڏ هوندا آهن. هڪ تضاد جنهن جو ذڪر ڪجهه ڏينهن اڳ چوڌري نثار ڪيو، سندس چوڻ هو ته ڪجهه جنرلن جي مرضي نه هلندي، سڄي قوم ۽ سرڪار جنرل راحيل شريف سان گڏ آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ چوڌري نثار جي ان بيان کي نظر ۾ رکندي فوجي جرنيلن جي ڪورٽ مارشل واري فيصلي کي ڏسو جو اين ايل سي اسڪينڊل ۾ کين سزائون ڏنيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ فوجي ڪورٽن کي جائز ڏيکاريو ۽ جنرل راحيل شريف فوجين کي سزائون ڏيئي ان فيصلي کي وڌيڪ سگهارو ثابت ڪيو. فوجي عدالتن کي جائز قرار ڏيئي هڪ طرف جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي چماٽون هنيون ويون پر ٻار کي چماٽ هڻي چپ ڪرائڻ لاءِ کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويندو آهي، تيئن قوم کي ۽ سياستدانن کي چپ ڪرائڻ لاءِ وري ارڙهين ايڪيهين ترميمن کي به درست قرار ڏنو ويو. سڀ طاقتور ڌريون ماٺ رهن، اصل واڳ ڌڻين کي جيڪو ڪرڻو هوندو، هو سولائي سان ڪري سگهندا. هن پسمنظر سان وري ڪراچي آپريشن ۽ ايم ڪيو ايم سان اسٽيبلشمينٽ جي ويڙهه کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌون ٿا. اڄ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آهي. پيپلز پارٽي کانسواءِ باقي ٻيون پارٽيون الطاف حسين خلاف مذمتي قراردادون جمع ڪرائي چڪيون آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي مرضيءَ کانسواءِ هو قراردادون منظور ڪرائي نه ٿيون سگهن. ڇو ته وٽن عددي اڪثريت ڪانهي. هن کان اڳ به سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ٺهراءُ ايندا رهيا آهن پر پيپلز پارٽي جي مخالفت سبب اهي منظور نه ٿي سگهيا. اڄ پيپلزپارٽي لاءِ نئون امتحان هوندو پر خبر پئي آهي ته پيپلزپارٽي جو موڊ بدلجي چڪو آهي، ڪرپشن جي مامرن ۾ واڳ ڌڻين پيپلزپارٽي کي اڳي ئي سوڙهو ڪيو. ان ڪري اهو امڪان آهي ته پيپلزپارٽي هن ڀيري سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪري، ائين ان اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف قرارداد منظور ٿي ويندي، جنهن اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم خود به موجود هوندي، پر ايم ڪيو ايم جو ردعمل ڇا هوندو اهو الڳ سوال آهي؟سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو، هفتو ڏيڍ هلندو، ڏسجي ته مسلم ليگ فنڪشنل، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي قراردادن جو سنڌ اسيمبلي ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري؟ ايم ڪيو ايم جي سرواڻ بابت اسٽيبلشمينٽ ظاهر آهي ته فيصلو ڪري چڪي آهي. ايم ڪيو ايم مڃي يا نه پر مائنس الطاف حسين جو فيصلو ٿي چڪو آهي. اسان جا ڪجهه دوست خام خيالي ۾ آهن ته شايد ايم ڪيو ايم ختم ٿي ويندي، ائين بلڪل به نه سوچيو. 1992ع کان وٺي 1993ع جي عام چونڊن تائين سوچيو يا سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪين سيٽن جا انگ اکر کڻو، ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. سڄي صورتحال جي نتيجي جي ڪا به خبر ناهي. ايندڙ سال چوڌري افتخار پنهنجي نئين پارٽي سميت ميدان ۾ ايندو، سندس پارٽي عمران خان جي پارٽي ۾ ٻوڏ آڻيندي. تيستائين ايم ڪيو ايم جي نئين شڪل به چٽي ٿي چڪي هوندي، جنرل راحيل جو مدو به پورو ٿي چڪو هوندو. سپريم ڪورٽ جو چيف به نئون اچي چڪو هوندو ۽ سڀ جو سڀ اليڪشن جي تيارين ۾ لڳي ويندا. ڪجهه نوان تجربا ٿيندا، مشرف لاءِ ماحول سازگار ٿيندو. هر طاقتور اداري مان ماڻهو فارغ ٿيندا. هڪ نئون وايو منڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ٿيندي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻئي مشڪلات ۾ اينديون، هڪ نئين ڪنگز پارٽي لاءِ ڪم شروع ٿي چڪو آهي. مارچ 2019ع کانپوءِ نوان قصا شروع ٿي سگهن ٿا. اڄڪلهه جي سڄي راند ان وڏي راند جي ريهرسل آهي پر گهڻيون ڳالهيون اڃا چٽيون ناهن. ڪرپشن جي نالي تي ڪجهه صفائي کانپوءِ شايد منظرنامون سمجهه ۾ اچي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *