ملڪ ۾ هن وقت ڪو به دهشتگرد نيٽ ورڪ ناهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو/اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ڪو به دهشتگرد نيٽ ورڪ نه آهي، اسان جي فوج ان وقت تائين وڙهندي رهندي جيستائين دهشتگردي پنهنجي منطقي انجام تائين نٿي پهچي وڃي، اسان جا 50 هزار ماڻهو دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيا آهن اسان دهشتگردن جي حمايت ڇو ڪنداسين، ايساف جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان جي لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز ۽ خطي جي لاءِ هڪ نئون موقعو آهي، اسان کي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، حڪومت جي لاءِ اولين ترجيح معيشت جو فروغ ۽ سڀ کان وڏو چئلينج بجلي جي فراهمي آهي، جرمني جي دوري دوران ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو ته ڪهڙي طرح جرمني پاڪستان جي توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار منصوبا پيش ڪري سگهي ٿي. هن اها ڳالهه مشهور قومي اخبار “ڊائي ويلٽ” کي انٽرويو ڏيندي چئي. ملڪ ۾ دهشتگرد تنظيم آءِ ايس (داعش) جي خبرن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به دهشتگرد نيٽ ورڪ کي شڪست ڏيڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان جي فوج ان وقت تائين وڙهندي رهندي جيستائين دهشتگردي پنهنجي منطقي انجام تائين نٿي پهچي وڃي، افغان طالبان کي پاڪستان جي حمايت حاصل ٿيڻ جي الزامن کي رد ڪندي وزيراعظم چيو ته کين اهڙي قسم جي الزامن جي پويان ڪو به مقصد ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اهو قطئي طور تي غير لاڳاپيل آهي پر آئون اهو چوندس ته اسان اهو ملڪ آهيون جيڪو دهشتگردن جو مقابلو ۽ ان جي محفوظ ٺڪاڻن کي ختم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته فوج ۽ شهرين سميت تقريبن 50 هزار ماڻهو دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ شهيد ٿيا آهن ۽ دهشتگردي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. اسان دهشتگردن جي حمايت ڇو ڪنداسين؟ اهو قطئي طور تي غلط ۽ سمجهه کان مٿانهي ڳالهه آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 60 ماڻهو لاهور ۾ حملي ۾ مارجي ويا ۽ اهو خيال ته دهشتگردن سان تعاون ڪندا آهيون، ناقابل تصور آهي، هن چيو ته اسان دهشتگردن سان وڙهندا آهيون، نواز شريف چيو ته حڪومت سڀني سياسي پارٽين ۽ رياستي ادارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ نهايت سنجيدگي کانپوءِ ڳالهين جو آغاز ڪيو هو، تنهن هوندي به دهشتگردن جون سرگرميون جاري رهيون ۽ اسان وٽ انهن سان وڙهڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو. افغانستان مان “ايساف” جي نڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اهو افغانستان جي لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز آهي جيڪو سڄي خطي جي لاءِ هڪ نئون موقعو آهي. اسان کي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان کي دهشتگردن جي حملن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته افغان صدر اشرف غني به اعلان ڪيو آهي ته هو اهڙين سرگرمين کي برداشت نه ڪندو. جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ڪيتري مضبوط آهي، ته وزيراعظم چيو ته اقتدار جي پرامن منتقلي ۽ جمهوري رستي تي آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ملڪ لاءِ هڪ قابل فخر لمحو هو، هن چيو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ تعاون هڪ اهم قدم آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جمهوريت عوام جي اميدن تي پورو لهي. هن چيو ته حڪومت جي لاءِ اولين ترجيح معيشت جو فروغ ۽ سڀ کان وڏو چئلينج بجلي جي فراهمي آهي. وزيراعظم چيو ته سندس جرمني جي دوري دوران ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويو ته ڪهڙي طرح جرمني پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار منصوبا پيش ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪڻڪ جي سڀني کان وڏي پيداوار ڪندڙ ۽ ڪپهه جي هڪ وڏي برآمد ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان جا جرمني سان ڪامياب معاهدا ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت ڏٺي وڃي ٿي. جرمني چانسلر انجيلا مرڪل سان پنهنجي ملاقات جي باري ۾ هن چيو ته هوءَ عظيم عزم ۽ بصيرت جي حامل دانشمند عورت آهي. سندس قيادت جرمني کي وڏن مشڪل دورن ۾ جاري رکيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ جديد ملڪ آهي جيڪو مستقبل جي طرف ڏسندو آهي، ترقي ۽ واڌ تي يقين رکندو آهي ۽ عالمي برادري سان گڏ هٿ هٿ ۾ ملائي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نه رڳو هڪ پرامن خطو چاهيون ٿا پر اسان دنيا کي به وڌيڪ پرامن ۽ رهڻ جي لاءِ بهتر مقام ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پنجاب ۾ قرآن جي مبينه بي حرمتي جي الزام تي مسيحي جوڙي جي قتل جي باري ۾ نواز شريف چيو ته هن انسانيت ۽ مذهبي اقليتن جي لاءِ احترام جي پيش نظر ان ڪارروائي جي مذمت ڪئي، ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان مان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذميداري محسوس ڪريان ٿو ته جيڪا ان ڪارروائي ۾ ملوث آهن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ عدالتن کي انهن کي جلد سزا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته تعليم حڪومت جي لاءِ بنيادي توجهه جو محور آهي ۽ هو تعليم جي شرح کي موجوده پارلياماني مدي جي خاتمي تائين مجموعي قومي پيداوار جي 2 کان 4 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاله يوسفزئي جي تعليم جي لاءِ ڪوششن تي ان جي واکاڻ ڪئي جنهن نوبل انعام حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ نون ڊاڪٽرن مان اڌ عورتون آهن، ۽ تعليم جي ميدان ۾ به عورتون قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *