ملڪ ۾ هن وقت حق حاڪميت عوام بدران ٻاهرين طاقتن وٽ آهي: مولانا فضل رحمان

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت حق حاڪميت عوام بدران ٻاهرين طاقتن وٽ آهي، اسان اسٽبلشمينٽ سميت سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا، اسان جي ادارن سان جنگ جي ڪا به پاليسي نه آهي پر ادارن کي به حدن ۾ رهڻ گهرجي، آزادي مارچ ملڪي سياسي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جو اضافو ڪيو، آزادي مارچ ۾ ساٿ ڏيڻ تي محمود اچڪزئي ۽ پشتونخواهه جي ڪارڪنن جو ٿورائتو آهيان، اسان جو هي اتحاد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تائين جاري رهندو، مارچ سان دنيا کي پيغام مليو ته پاڪستاني عوام سليڪٽيڊ حڪومت جي خلاف گڏ آهي، سليڪٽيڊ حڪومت کي نٿا مڃون، اهڙن ماڻهن سان وڙهن ڄاڻو ٿا، اسان غلام اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، اها ڳالهه هن سومر تي شهيد عبدالصمد اچڪزئي جي 46 هين ورسي جي موقعي تي هاڪي گرائونڊ ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪئي، جلسي کي محمود خان اچڪزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، عبدالرحيم زيارت وال، نصرالله زيري سميت ٻين به خطاب ڪيو، مولانا فضل رحمان چيو ته هو هن جلسي ذريعي خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جنهن پنهنجي قرباني سبب تاريخ ۾ پنهنجو نالو ائين لکرايو جيڪو هميشه رهندو، هن چيو ته آزادي مارچ تاريخي اهميت حاصل ڪئي، اڄ ملڪ ۾ مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن، هي قومي وحدت آهي، آزادي مارچ ذريعي پاڪستاني قوم هڪ آواز بڻجي سليڪٽيڊ حڪومت کي رد ڪيو، هن چيو ته قوم کي اهو قبول ناهي ته آزاد وطن ۾ ڪو مداخلت ڪري، اسان جا حڪمران انگريز جا غلام آهن، جڏهن ته اسان وڏڙا ڪڏهن به نه جهيڪا ته اسان فرگين جي غلامن جي اڳيان ڇو جهڪنداسين، اسان پاڪستاني ادارن جو قدر ڪريون ٿا ۽ دنيا سان دوستي چاهيون پر ائين ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين ته عوام جي مينڊينٽ تي ڌاڙو هنيو وڃي، پاڪستاني قوم هڪ آزاد قوم آهي، اسان چئون ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ته عوام جي ووٽ جو قدر ڪريو. ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي، عبدالصمد خان اچڪزئي، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدر، عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *