ملڪ ۾ نئين ۽ جديد اسپتالن جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ ۾ نئين ۽ جديد اسپتالن جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي اها ڳالهه صدر ممنون حسين شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پاڪستان جي صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم صدر کي پمز جي اهتمام هيٺ ميڊيڪل ٽاور ڪمپليڪس منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني صدر چيو ته اهڙي قسم جي فلاحي منصوبن جي ذريعي عوام کي جديد طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون هن چيو ته اهڙن فلاحي منصوبن کي عبادت سمجهي ڪرڻ گهرجي صدر ممنون حسين ميڊيڪل ٽاور ڪمپليڪس رٿا جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سمورن لاڳاپيل کاتن سان مشاورت کان پوءِ هڪ فعال ۽ ڪابل عمل ماڊل تشڪيل ڏنو وڃي ته جيئن هن منصوبي کي عملي جامو پارائي سگهجي صدر پمز اسپتال کي موجوده دور جون جديد طبي سهولتن سان سرشار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ان موقعي تي مملڪتي وزير ڪيڊپيرسٽر عثمان ابراهيم ۽ سيڪريٽري ڪيڊ خالد حنيف به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *