اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) وفاقي حڪومت عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم وفاقي وزيرن کي پرائس ڪنٽرول ڪميٽين تي عمل لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وزير پنهنجي تڪن ۾ هٿرادو مهانگائي تي نظر رکن ۽ مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن. اجلاس دوران وزيراعظم ذخيرو ڪندڙن خلاف به سخت ايڪشن وٺڻ جون هدايتون ڏنيون. ٻئي طرف سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آآهي ته اپوزيشن جو دڪان نه اڳ هليو نه هاڻي هلندو اپوزيشن جي ڪائي سياسي سوچ نه آهي، صبح کان رات تائين عمران خانکي گهٽ وڌ چوڻ سان هي اقتدار ۾ نٿا اچي سگهن، اپوزيشن اليڪٽرورل ريفارمز ۽ نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اسان سان گڏجي ويهن اسان ڳالهائيڻ لاءِ تيار آهيون جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو هاني ماڻهن جي جلسن لاءِ رينٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آهي هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن معاملا حل ٿي چڪا اهن اپوزيشن جو ڪم ئي تنقيد ڪرڻ آهي هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلائي سگهجي هن سال اسان کي 12 ارب ڊلر قرض واپس ڪرڻو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي هتي ڪيليگرافي نمائش جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت هن عشري کي رحمت اللعالمين جي نالي سان منسوب ڪري چڪي آهي وزيراعظم سڀاڻي هڪ وڏي ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو هن چيو تهلاهور ۽ ڪراچي ۾ به اهڙِ قسم جي نمائشن جو اهتمام ڪيو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري فواد چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اٽو ۽ کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪمند جو بمپر فصل جي اميد آهي، جنهن سان کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيو هاڻي سنڌ حڪومت بهڪڻڪ رليز ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ به اٽي جون قيمتون گهٽجي وينديون هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد چيو ته سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن اسان ڪنهن الڳ دنيا ۾ نٿا رهون عالمي مندي ۾ تيل جون قيمتونوڌنديون تههتي به وڌنديون جيڪڏهن اتي تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ربيع الاول جي مهيني جي مناسبت سان سيرت نبي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرجي تهاپوزيشن ان سيشن جو بائيڪاٽ ڪريڇ ڏيو هنچ يو ته هي جمهوريت پسند ماڻهو نه آهن رڳو ڊيل جي تلاش ۾ آهن ۽ هاڻي احتجاج جو بهانو ڳولين ٿا هن چيو ته اپوزيشن کي جڏهن خبر پوي ته فوج ۽ حڪومت ۾ اختلاف ٿي ويو آهي ته هي سي وي کڻي بيهي رهن ٿا ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ڊيل نه ٿي ته هي فوج جي خلاف ابتو ستبو ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا هن چيو ته اپوزيشن جو دڪان نه اڳ هليو آهي نه هاڻي هلندو فيصل آباد جلسي ۾ جي يو آئي مدرسي جي شاگردن کي آندو کين (ن) ليگ جا جهنڊا هٿ ۾ هئا جنهن تي انهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو هن چيو ته مولانا فضلالرحمانکي مشورو آهي ته هو هاڻي ماڻهن جي جلسن لاءِ رينٽ جو ڪم ڪري.