ملڪ ۾ زلزلي کانپوءِ به سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ڪرايون وينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ملڪ ۾ زلزلي کانپوءِ به سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ڪرايون وينديون، اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت ڪابه درخواست ناهي ملي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب، زلزلي باوجود سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول برقرار رهندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپيل ضلعن ۾ ڪوبه نقصان ناهي ٿيو، انڪري شيڊول ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي. بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي صوبن پاران مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪابه درخواست ناهي ملي، انڪري بلدياتي اليڪشن جاري ڪيل شيڊول موجب ڪرايون وينديون. واضح رهي ته سنڌ جي اٺن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 31 آڪٽوبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *