ملڪ ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رياست جي ذميواري آهي ته فيس ايتري نه هجي جيڪا ادا نه ڪري سگهجي پر پاڪستان ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري ۽ والدين وٽ اسڪولن جي حوالي سان جوائس ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سبراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته نجي اسڪول هلائڻ پيشو آهي يا ڪاروبار ٻنهي جون قانوني معنيٰ موجود آهن، پيشي کي لائسنس جي ذريعي ريگوليٽ ڪيو ويو آهي، پيشي يا ڪاروبار لاءِ تعليمي قابليت جو هئڻ ضروري آهي. چيف جسٽس پاڪستان پرائيوٽ اسڪول جي وڪيل مخدوم علي خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا 17 هزار اسڪولن مان ڪو به هڪ انگ اکر آهي جو ڪنهن اسڪول 5 سيڪڙو کان گهٽ فيس ۾ واڌ ڪئي هجي ؟ خانگي اسڪول جي وڪيل پنهنجن دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو هڪ سال کان پوءِ 5 سيڪڙو واڌ جا سبب نه ڏئي سگهي ته پوءِ واڌ به نه هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو پنج سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جا سبب بيان ڪري ته پوءِ ان کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌائڻ جي اجازت هئڻ گهرجي. ان تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته نجي اسڪولن جي قانونن پويان ڪا اسڪيم ٿي سگهي ٿي جنهن کي اسان کي حل ڪرڻو آهي، آرٽيڪل 18 انفرادي ناهي پر انڊسٽري ۽ ادارن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جي تحت انفرادي نه، انڊسٽري جا قانون جوڙڻا آهن، تنهنڪري ان جي زبان به مختلف آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته رياست جو حق آهي ته هو انڊسٽري کي ريگوليٽ ڪري. جسٽس اعجاز الحسن وڌيڪ چيو ته سڀني وڏن اسڪولن هڪ ڪارٽيل ٺاهي ڇڏيو آهي، رياست جي ذميواري آهي ته فيس ايتري نه هجي جيڪا ڪو به ادا نه ڪري سگهي، پاڪستان ۾ رياست پنهنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري، پاڪستان ۾ والدين وٽ اسڪولن جي حوالي سان جوائس ناهي. مخدوم علي خان عدالت کان استدعا ڪئي ته فيس ۾ واڌ ته تعين لاڳاپيل اختيارين کي ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته رياست کي پنهنجن ادارن ۽ آفيسرن جي ڄاڻ آهي، پنج سيڪڙو جي پابندي رياست ڪرپشن روڪڻ لاءِ لڳائي، خانگي اسڪولن جي آڊٽ رپورٽ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، نجي اسڪولن جي شاخن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، خانگي اسڪول هرسال اربين رپيا ڪمائي رهيا آهن، اربين رپيا ڪمائي به چون ٿا ته پنج سيڪڙو واڌ گهٽ آهي، آرٽيڪل 25 چوي ٿو ته رياست ٻارن کي تعليم مهيا ڪندي، رياست پاڻ ٻارن نه پڙهائيندي، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي مدد سان تعليم ڏني ويندي،  تنهنڪري آرٽيڪل 25 کي اوپن رکيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي منجهند ٻارنهن وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *