ملڪ ۾ حڪومتي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي، فوجي عدالتن سان جيڪڏهن امن قائم ٿئي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي: ارباب غلام رحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جَي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومتي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي، فوجي عدالتن سان جيڪڏهن امن قائم ٿئي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي. ملير جي اسٽيل ٽائون واري علائقي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن پنهنجي شگر ملز انتظاميه کان عوام خلاف احتجاج ڪرائي ملز بند ڪري ڇڏيون، ان عمل خلاف سڀئي ساڃاهه وند اهڙي غلط فيصلي جو مقابلو ڪندا. ارباب غلام رحيم ملير حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين واقعي جي ذميوارن کي وائکو نه ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته حادثي جي متاثرن جي مالي مدد ڪري سندن زخمن تي مرهم رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *