ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ چاهيون ٿا: مريم نواز/بلاول زرداري

لاهور (م.ڊ)سينيٽ چونڊن ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيڻ جو مشن، اپوزيشن پارٽيز جي اڳواڻن جا هنگامي رابطا ۽ ملاقاتون ٿيون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ ملاقات ٿي، سينيٽ چونڊن ۽ لانگ مارچ سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪري سينيٽ چونڊن سميت مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪيا، ملاقات کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز چيو ته وفاقي حڪومت عوام تي ٻوجهه بڻجي وئي، ادارن کي پنهنجو جمهوري ۽ آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، پارلياماني ميمبرز ٽيڪنوڪريٽس کي ووٽ نه ڏيندا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعلي حڪومت کي گهر  موڪلڻ تمام ضروري آهي، ننڍي چونڊن ثابت ڪيو ته  عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي، يوسف رضا گيلاني به سينيٽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندو، جڏهن ته ن ليگ طرفان يوسف رضا گيلاني جي باضابطا حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪري ڇڏي، يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آهي، تحريڪ انصاف اندر هر صوبي ۾ بغاوت ڪر کنيو آهي، حڪومت جي سپورٽ ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، تحريڪ انصاف عوام جي ڏوهاري جماعت آهي، مريم نواز چيو ته عمران خان قوم جو ڏوهاري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *