ملڪ ۾ جھموريت کي هر گز پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو ويندو: قائم علي شاهه

ٺٽو (ڊ ر)  وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه چيو آهي ته ملڪ ۾ جھموريت کي هر گز پٽڙي تان لهڻنه ڏنو ويندو ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ۽ پ پ پ جي قيادت جھموريت جي بالادستي لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 30 نومبر تي پيپلز پارٽي لاهور ۾ يوم تاسيس جي موقعي تي ڀرپور جلسو ڪري رهي آهي جنهن ۾ 18 آڪٽوبر تي ٿيل ڪراچي واري جلسي وانگر عوام، پ پ جا ڪارڪن ۽ جيالا ڀرپور شرڪت ڪندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آهن ته 30 نومبر تي يوم تاسيس جي موقعي تي لاهور ۾ 18 آڪٽوبر وانگر تاريخي جلسو ڪيو وڃي ان حوالي سان مختلف ضلعن ۾ پارٽي ڪنوينشن ۽ گڏجاڻيون جاري آهن. وزير اعليٰ سنڌ عمران خان جي 30 نومبر  تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان چيو ته 30 نومبر تي ٿيندڙ جلسي ۾ سندس پارٽي جي مرضي آهي عمران خان کي جيڪو مسئلو پاڻ سمجھ ۾ اچي ٿو اهو ان لاءِ ۽ ان جي پارٽي جي لاءِ صحيح آهي پر اسان سمجھون ٿا ته اهو آئين جي مطابق اهم ناهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن اڄ 30 نومبر تي لاهور ۾  يوم تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي پاران جلسو ڪرڻ جي حوالي سان ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي پ پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن سان ڪيل گڏجاڻيءَ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عمران خان کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي ڪرڻ جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي مهيا ڪئي ان حوالي سان هڪ هفتو اڳ آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي جلسي جي سيڪيورٽي جو پابند بڻايو ويو هو. هن چيو ته عمران خان جو لاڙڪاڻي واري جلسو نه پر هڪ ڪارنر گڏجاڻي هئي. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته پ پ پ ماضي ۾ لاهور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو به تاريخي جلسه ڪيا هئا جن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ان کان علاوه گجرانواله ۾ به ماضي ۾ وڏا جلسا ڪيا ويا. وزير اعليٰ چيو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاران 18 آڪٽوبر 2007 تي پڻ هڪ عظيم الشان جلسو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي ايئرپورٽ کان ايندي ماڻهن جي حجوم ۾ محترمه کي 14 ڪلاڪ لڳي ويا هئا. ان کان علاوه 18 آڪٽوبر 2014 تي پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪيل هڪ عظيم الشان جلسو به دنيا ڏٺو جنهن ۾ عوامي سمنڊ ڏسڻ وٽان هو ۽ ان ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علاوه ٻاهرين ملڪن کان اچي ڪري ماڻهن شرڪت ڪئي.  هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاران 18 آڪٽوبر جي جلسي ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته ٻيو جلسو 30 نومبر يوم تاسيس لاهور ۾ ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو انهيءَ حوالي سان هر ضلعي جي پ پ پ جي قيادت سان گڏجاڻين ۽ ڪنوينشن جي پڻ هدايت ڪئي اٿس. بعد ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاه پاران جيمخانه مڪلي ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي چونڊيل نمائندن، ضلعي پ پ پ قيادت، ڪارڪنن ۽ معززين سان 30 نومبر لاهور ۾ يوم تاسيس واري جلسي بابت ڪوٺايل ڪنوينشن ڪري سندن مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ مختلف ماڻهن کان نوڪرين ۽ ٻين مسئلن تي پڻ درخواستون وصول ڪيون. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي عوام پاران 18 آڪٽوبر 2014 تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سڏ تي ڪراچي ۾ تاريخي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت جو ساٿ ڏنو جيڪو قابل تعريف آهي ۽ 30 نومبر لاهور ۾ ٿيندڙ يوم تاسيس واري جلسي ۾ شرڪت لاءِ پڻ هتان جي ماڻهن ۾ تمام گھڻو جوش ۽ جذبو ڏسي رهيو آهيان. هن چيو ته لارڪاڻي ۾ عمران خان جي جلسي طرف اشارو ڪندي چيو ته اهو جلسو نه پر جلسڙي هئي ۽ هُن پنهنجن دوستن کي چيو ته توهان ڪٿي مون کي آندو آهي هتي ته منهنجي جاءِ ئي نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ جڳهه آهي ته صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو آهي ۽ هاڻي اسان جي قائد پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آهي. هن چيو ته جيتري قدر ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماڻهن جا مسئلا آهن انهن کي سنڌ حڪومت هر حال ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان عوام جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجھون ٿا. هتان جي ماڻهن مختلف شڪايتون ڪيون آهن پر انهن مان هڪ شڪايت سرڪاري زمينن تي قبضي جي به آهي، جيڪڏهن سرڪاري زمينن تي قبضو آهي ته اها تمام سرڪاري زرعي زمين هارين جي آهي ڇوته پُراڻي زماني کان اهو نعرو آهي ته جو کيڙي سو کائي ان ڪري اها زمين هتي جي غريب هارين ۾ ورهائي ويندي. هن چيو ته سجاول ضلعي جي تعلقي جاتي ۾ جڏهن آيس ته ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ پڻ هارين کي زمين ڏني ويئي هئي ان ۾ مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لينڊ ريفارمز جو وزير جو قلمدان ڏنو هو. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته آئون ٻئي ٻاهون اوهان تي رکان ٿو ۽ منهنجي جيڪا 6 هزار ايڪڙ زمين آهي اها سڀئي غريب هارين ۾ تقسيم ڪيان ٿو ۽ هن اها زمين کين ڏني ۽ ان کان پوءِ اسان وڏن زميندارن کان جيڪي اسان کان رسي ناراض ٿيا انهن کان زمين ورتي ۽ هارين ۾ تقسيم ڪئي ان کان علاوه هارين ۾ ٽريڪٽر به ورهايا ويا هئا جنهن تي جنرل ضياءِ تمام گھڻو گند ڪيو ۽ وڙهيو به. هن شهيد ملت ۽ اسان جي ڪارڪنن کي تخت دار تائين پهچايو پر پوءِ به پ پ ڪارڪن پوئتي نه هٽيا ۽ ڀت وانگر پ پ سان گڏ هڪ ئي جاءِ تي بيٺا رهيا. هن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر سجاول کي هدايت ڪئي ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ جيڪا به سرڪاري زرعي زمين آهي ان بابت آگاه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪابه سرڪاري زمين ڪنهن جي قبضي ۾ آهي ته ان باري ۾ پڻ ٻڌائين ته جئين ان تان قبضو هٽرائي هتان جي غريب ۽ مسڪين هارين ۾ ورهائينداسين. هن چيو ته هڪ گڏجاڻي ۾ چيف سيڪريٽري پاران ڪراچي ۾ اربين روپين جي سرڪاري زمين تي قبضن بابت آگاه ڪيو ۽ چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ فورس کان انهن زمينن تان قبضو هٽرايو جنهن تي مون هن کي چيو ته بلڪل ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تان قبضو هٽرايو ويندو ساڳئي ريت سموري سنڌ ۾ به سرڪاري زمينن تي قبضا آهن ان جو اعتراف ڪيان ٿو. هن چيو ته اهي قبضا مشرف پاران لوڪل گورنمينٽ جو نئون قانون ٺاهيو جنهن تحت ناظمن پاران مخلتف سرڪاري زمينن جا قبضا ڏنا ويا هئا ۽ هاڻي 2013 ۾ پ پ پ حڪومت پاران نئون قانون جوڙي انهن زمينن تان قبضا هٽرايا پيا وڃن. هن چيو ته سرڪاري زرعي زمين ورهائڻ واري سلسلو ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ ناهي اهو صرف پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو ڪارنامو آهي، اسان جي حڪومت هارين سان گڏ غريب هارياڻين کي به زرعي زمين ڏني ۽ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. هن چيو ته پ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت گذريل دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت تقريبن 70 ارب روپيه غريب عورتن ۾ تقسيم ڪيا. هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جو ٻيون مسئلو نوجوانن ۾ بيروزگاري جو آهي ان حوالي سان نوجوانن کان درخواستون وصول ڪيون آهن ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ به سنڌ حڪومت پڙهيل لکيل نوجوانن کي جلد روزگار مهيا ڪندي. هن چيو ته اسان ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارن ۾ مختلف بيمارين جي حوالي سان اُتي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ هئي جنهن جي مد نظر اسان 450 کان وڌيڪ ڊاڪٽر کي مقرر ڪيو آهي ۽ وڌيڪ 1100 ٻين ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪنداسين. هن چيو ته جن نوجوانن ۽ دوستن کي روزگار نه مليو آهي ان حوالي سان هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ قيادت کان لسٽون وٺنداسين ۽ ان ۾ غريب ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. هن چيو ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ ۾ اسٽيل مل پئي ٺهرائي ته ڪجھ ماڻهن کيس چيو ته مل نه ٺهرائي صوبو نه هلي سگھندو ان تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اسٽيل مل ته ٺهندي پر پورٽ قاسم به ٺهندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي روزگار به ملندو ۽ اسان به ان شهيد ڀٽو جا پوئلڳ آهيون ۽ عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. وزير اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته دولهه دريا خان پُل جي حالت خراب آهي انهيءِ تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ جلد ان جو ڪم مڪمل ڪيو وينديو ته جيئن ڳري ٽريفڪ جا بحال ٿي سگھي. ان موقعي تي هن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو وٽن ايندڙ پ پ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي وڏو وزير سمجھي سندن مسئلا ٻڌن ۽ انهن جو ازالو ڪن. وزير اعليٰ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ترقياتي رٿائن کي پاڻ ڏسندو. هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته ترڪي پاران تعمير ڪيل گھر جلد 2010 جي ٻوڏ متاثرن ۾ تقسيم ڪيا ويندا ۽ ان کان علاوه هن سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ ٻه هزار گھر تعمير ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي پ پ ٺٽو ۽ سجاول جو صدر ارباب وزير ميمڻ، اڳوڻو صوبائي وزير صادق علي ميمڻ، ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي، غلام قادر پليجو، حميرا علواڻي، سابق ايم اين اي بابو غلام حسين ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو آغا شاهنواز بابر، ڊپٽي ڪمشنر سجاول شوڪت حسين جوکيو، ايس ايس پي ٺٽو فدا حسين مستوئي، ايس ايس پي سجاول جان محمد برهماڻي کان علاوه پ پ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جا اڳواڻ، ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *