
اسلام آباد(م.ڊ) ملڪ ۾ بجلي هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگي، نيپرا بجلي جَي اگهن ۾ 4 رپيا 74 پيسا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نيپرا جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جِي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جَي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، نوان اگهه ڪَي اليڪٽرڪ جَي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندا