ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 87 ماڻهو فوت

اسلام آباد  (م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن وڌيڪ 87 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته اڍائي هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس پڻ سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 206 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ڪورونا ٽيسٽن جو گڏيل انگ 63 لک هڪ هزار 341 ٿي ويو آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن دوران 2 هزار 615 ڪيس هاڪاري آيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 4 لک 57 هزار 288 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 80 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 9 هزار 330 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 4 هزار 553 آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي وڏي ڪارروائي، ضلعي ڏکڻ ۾ 5 اسٽار هوٽل جا 3 ريسٽورينٽ سيل، ڊي سي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز تحت انڊور ڊائيننگ تي پابندي آهي، هوٽل جي ٽنهي ريسٽورنٽ ۾ انڊور ڊائيننگ سبب ڪارروائي ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *