ملڪ کي طالبان کان خطرو آهي, عمران خان هن وقت ماڊرن طالبان بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلدياتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي طالبان کان خطرو آهي ۽ عمران خان هن وقت ماڊرن طالبان بڻيو ويٺو آهي سندس ۽ طالبان جي ايجنڊا هڪ ئي آهي ته جمهوريت کي ڊي ريل ڪيو وڃي. اڳوڻن ٽن ٽن وڏن وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۽ سندن اتحاد سان پيپلز پارٽي کي نه ماضي ۾ ڪو فرق پيو نه هاڻي پوندو. ڪراچي ماضي ۾ به پيپلز پارٽي جو هو، هاڻ به آهي ۽ آئنده به رهندو. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ رڪارڊ ڪم ٿيا ۽ ترقياتي ڪمن جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڌو ۽ اڄ به پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي انهن ترقياتي ڪمن جو سفر جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ منگهوپير، ڪنواري ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ساڍا نو ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيل واٽر اسڪيم ۽ شهيد مجيب الرحمان واٽر پمپنگ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، ڊسٽرڪٽ ويسٽ جا ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر، پيپلز پارٽي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جو صدر نديم ڀٽو، جنرل سيڪريٽري صديق اڪبر، سٽي ايريا جو قائم مقام صدر هارون رشيد کان علاوه  پيپلز پارٽي ويسٽ جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن جو وڏو انگ موجود هو. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي ڪارڪنن ۽ جيالن جي عزت ڪئي آهي ۽ نهايت قدر جي نگاهه سان پنهنجي جيالن جي قربانين کي ياد رکندي آهي. هن چيو ته مون سميت اڄ جيترا به وزير پنهنجي منصب تي موجود آهن اهي انهن ڪارڪنن ۽ جيالن جي محنت جو ثمر آهي. شرجيل انعام ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ ڪراچي جي ڏورانهن علائقن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي کان محروم رکيو ويو پر پيپلز پارٽي هاڻي ڪراچي هجي يا ٿرپارڪر جهڙو پٺ تي پيل علائقو هجي اتي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جا فراهمي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي جيڪا شروعات ڪئي آهي ان سلسلي جي هڪ ڪڙي اڄ جي هن ڪنواري ڪالوني ۾ 12 کان وڌيڪ علائقن جن ۾ ميانوالي ڪالوني، اسلاميا ڪالوني، ڪرسچن محلو، لاشي محلو، مگسي محلو، ڪٽي پهاڙي سميت ٻين علائقن جي ٽن لکن کان وڌيڪ آبادي کي پيئڻ جي صاف پاني جي فراهمي جي منصوبي کي پورو ڪيو ويو آهي. جنهن تي تقريبن ساڍا نو لک روپيا لاڳت آئي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ٿرپارڪر سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ سون جي تعداد ۾ آر و پلانٽ لڳائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي عوام کي هڪ وڏي خوش خبري شارع فيصل تي ٽريفڪ جي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي ايليويٽر رستي جي تعمير جو آغاز جي ڏينداسين ۽ ان منصوبي جو افتتاح به جلد ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته اسان ڪراچي کي ڪالھ به اون ڪندا هئاسين اڄ به ڪريون ٿا ۽ آئنده به ڪندا رهنداسين ڇو ته هي ڪالھ به پيپلز پارتي جو هو اڄ به ۽ آئنده به رهندو. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت ملڪ کي سڀ کان وڏو خطرو طالبان مان آهي عمران خان هن وقت ماڊرن طالبان بڻيل آهي. هن چيو ته درپرده طالبان ۽ عمران خان جهڙي ماڊرن طالبان جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ڊي ريل ڪيو وڃي پر اسان انشاءَ الله سندن ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين . هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2013 جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي خلاف 10 جماعتي گرينڊ الائنس بڻايوويو هو ۽ ان ۾ اهي ئي پارٽيون شامل هنيون جن مان ڪجھ اڳوڻن وڏي وزيرن گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي خلاف الائنس بڻائڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته انهن مان ڪجھ ماڻهون پيپلز پارٽي ۾ اچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر کين پارٽي ۾ شامل نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙي قسم جي الائنس سان پيپلز پارٽي کي ڪو به فرق نه پوندو. 2013 جي عام چونڊن ۾ عوام پيپلز پارٽي کي ڪلين سوئپ فتح ڏياري ثابت ڪيو ته هو پيپلز پارٽي سان آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ جيڪي ماڻهون جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي سازش ۾ مصروف آهن انهن کي ڪنهن به صورت ڪاميابي نصيب نه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي صاف پاڻي جي لاءِ ڪي فور منصوبي جو آغاز ڪيو ويو آهي پر هي منصوبو گھڻ مدتي آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڌاٻيجي کي اپ گريڊ ڪري 100 ملين گيلن روزانه پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي پر شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۾ هن وقت سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪي اليڪٽرڪ بڻيل آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي مان اربين روپيا ڪمائي رهي آهي پر هو تنصيبن تي هڪ روپيو به خرچ نٿي ڪري ۽ پراڻين ترسيلي نظام جي ڪري شهر کي پاڻي جي فراهمي وارن پمپنگ اسٽيشنن کي روزانه ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ان کان پوءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڻي جي اسڪيم ۽ شهيد مجيب الرحمان پمپنگ اسٽيشن جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري باقاعده اسڪيم جو آغاز ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *