ملڪ کي سڪيورٽي رياست نه پر فلاحي رياست بڻائڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊرخورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي سڪيورٽي رياست نه پر فلاحي رياست بڻائڻ گهرجي، حڪومت پاران تيل اگهن۾ معمولي گهٽتائي کي رد ڪيون ٿا، عوام کي رليف ملڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول جي في ليٽر جي اصل قيمت چاليهه رپيا هڪ پئسو هئڻ گهرجي. هن چيو ته چوڌري نثار اپوزيشن ۾ هئڻ وقت ليوي ٽيڪس تي تنقيد ڪندي ڪندو هو، پر هاڻي حڪومت ليوي تي به 45 رپيا سيلز ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت  ٽيڪسن جي وصولي ذريعي هاءِ اسپيڊل ڊيزل مان هڪ ارب 15 ڪروڙ رپيا روزانو وصول ڪندي آهي، جڏهن ته سرڪار کي پيٽرول جي ذريعي 58 ڪروڙ رپيا آمدني ٿي رهي آهي. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته حڪومت تيل اگهن جي ذريعي ساليانو 9 سئو ارب رپيا وٺي رهي آهي ، پيٽروليم شين تي ٽيڪس جي ذريعي به حڪومت اڍائي ارب رپيا ملي رهيا آهن، ٽيڪس ضرور وٺڻ گهرجي پر غريب کي پيڙهڻ نه گهرجي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ کي سڪيورٽي رياست نه پر فلاحي رياست بڻائڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *