ملڪ کي درپيش خطرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ملڪ کي پيش خطرن کي شڪست ڏيڻ لاءِ قوم کي ان ئي جذبي ۽ ايڪي جي ضرورت آهي، جنهن جو مظاهرو 1965ع واري جنگ دوران ڪيو ويو هو. يوم دفاع جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته مضبوط ۽ ناقابل تسخير دفاع فقط قومي ايڪي سان ئي ممڪن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ايٽمي پروگرام جو تحفو ڏنو ۽ وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ميزائيل ٽيڪنالاجي جو پروگرام ڏنو. پي پي پي چيئرمين چيو ته اُهي سمورا سپاهي، جن پاڪستان جي دفاع خاطر پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، اهي تاريخ ۾ سدائين ياد رهندڙ هيرا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ارادو ڪيو ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي فلسفي جي روشني ۾ پاڪستان جي نظرئي جي پوئيواري ناقابل تسخير دفاع جي صورت ۾ ڪندو.  هن وڌيڪ چيو ته يوم دفاع جي موقعي تي اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ سندن ڪٽنبن کي خاطري ڏيون ٿا ته اسان جي حمايت ۽ همدردي ساڻن گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo