ملڪ کي ترقي جي راهه تان هٽائيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد، لاهور (بيورو/م.ڊ) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ملڪ کي ترقي جي راهه تان هٽائڻ چاهن ٿا، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏي، ملڪ کي درپيش چئلينجن سان گڏيل ڪوششن ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ملڪ هن وقت ڪنهن سياسي مهم جوئي جو متحمل نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جي ضرورت سياسي مهم جوئي بدران گڏيل سوچ ويچار آهي. هو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پنجاب جي وڏيوزير صدر مملڪت کي جاري ترقياتي ڪمن ۽ بجلي جي منصوبن تي بريفنگ به ڏني. صدر مملڪت پنجاب جي وڏي وزير جي ويزن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پنجاب جي ترقي لاءِ شهباز شريف قابل قدر قدم کنيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر مملڪت چيو ته ملڪ هن وقت ڪنهن سياسي مهم جوئي جو متحمل نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جي ضرورت سياسي مهم جوئي بدران گڏيل سوچ ويچار آهي، صدر مملڪت چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن سان گڏيل ڪوششن ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ قومي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به ويچاريو ويو ته وڌيڪ ڪهڙا ڪهڙا ترقياتي ۽ بجلي جا منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *