ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل

اسلام آباد (اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ ) حڪومت  آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا.  حڪومت مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾  شامل 172 ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن ماڻهن جي نالن کي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لسٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو نالو 24 هين نمبر تي آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو 27 هين ۽ فريال ٽالپر جو نالو 36 هين نمبر تي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، توانائي واري وزير امتياز شيخ، اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد، نمر مجيد،  ملڪ رياض، سندس پٽ زين ملڪ، مڪيش ڪمار چاولا،  سيڪريٽري انڊسٽريز ضمير حيدر، حسين لوائي، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين بلال شيخ، ڊاڪٽر ڊنشا ايڇ انڪل سريا، محمد اعجاز هارون، منظور قادر ڪاڪا، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن، عبدالغني ماجد جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل آهي. اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن جي لسٽ وزيراعظم جي صلاحڪار افتخار گيلاني طرفان جاري ڪئي وئي آهي. علي ڪمال مجيد، انور ماجد خواجه ۽ احسن رضا دراني جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس 31 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل بئنچ جوڙي وئي آهي. جي آءِ ٽي سربراهه، ميمبرن، آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. مني لانڊرنگ بابت جاچجندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن. عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا. اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا. چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن. اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *