ملڪ محمد رفيق رجوانا پنجاب جي 36 هين گورنر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، چيف جسٽس لاهور حلف ورتو

لاهور (اين اين آءِ) ملڪ محمد رفيق رجوانا پنجاب جي 36 هين گورنر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس منظور احمد ملڪ رفيق رجوانا کان حلف ورتو، گورنر هائوس لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ محمد شهباز شريف، اسپيڪر رانا محمد اقبال، راجا ظفر الحق، اقبال ظفر جهڙا، صوبائي وزير، اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن سميت ٻين شرڪت ڪئي، نامزد گورنر پنجاب محمد رفيق رجوانا جي حلف کڻڻ جي تقريب جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا، مال روڊ تي احتجاجي استادن پاران گورنر هائوس ڏانهن امڪاني اڳڀرائي سبب احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا مال روڊ ۽ گورنر هائوس جي مرڪزي دروازي تي بيٺا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *