ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اولين ترجيح آهي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ مان توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، منصوبن جي تيز رفتاري سان تعمير توانائي جي بحران تي ضابطو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، چين ۽ پاڪستان ۾ تعاون جاري رهندو، هو جمعي تي پاور ڪنسٽريڪشن ڪارپوريشن آف چائنا جي چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ صدر يان زي يانگ سان ڳالهائي رهيو جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيني وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل لازوال دوستي قائم آهي، وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت پاڪستان سمورن منصوبن تي وقت سر ۽ موثر عملدرآمد لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، هن چيو ته سي پيڪ کي حقيقت جو روپ ڏيڻ اسان چين جي وزارتن ۽ ادارن جي مدد تي ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ملڪ مان توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ ان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته پاور چائنا کي ٽرانسميشن لائينز ۽ آبي ذخيرن ۽ بجلي جي پيداوار سميت هائيڊرو پاور پراجيڪٽس ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني آهي، ان موقعي تي يان زي وزيراعظم پاران آجياڻي تي ان کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ تعاون جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *