ملڪ مان دهشتگردن جي تڏا ويڙهه ڪئي ويندي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل ر احيل شريف جي سربراهي ۾ 6 7 1 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ويچار، ڪور ڪمانڊرز جو پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ، آرمي چيف پنهنجي ڪابل دوري جي حوالي سان ڪانفرنس جي شريڪ ٿيلن کي اعتماد ۾ ورتو، ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ايجنسي ۾ جاري آپريشن خيبر ون جي حوالي سان ويچاريو ويو، ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب ۾ هيستائين حاصل ٿيل ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري جا معاملا ويچار هيٺ آيا. ڪانفرنس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ فوج پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پوري طرح چوڪس آهي ۽ اوڀر اولهه سرحدن تي ڪنهن قسم جي وحشت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ 6 7 1 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي ويچاريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ان عزم کي ورجايو ويو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل تڏو ويڙهيو ويندو، دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿي انهن جي علائقن ۾ واپس نه اچڻ ڏنو ويندو. ڪانفرنس ۾ اتر وزيرستان آپريشن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردي خلاف قربانيون قابل قدر آهن، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ کي پيش ايندڙ موجودهه سيڪيورٽي چئلينجن جي حوالي سان به ويچاريو ويو. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج تمام چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته اتر وزيرستان ۾ متاثرن جي بحالي ۽ گهرن ڏانهن واپسي کي جلد يقيني بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *