ملڪ فوج هلائي رهي آهي ۽ حڪمران رڳو قطارن ۾ بيٺل آهن: عاصمه جهانگير

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز حدون اورانگيءَ رهي آهي، ملڪ فوج هلائي رهي آهي ۽ حڪمران رڳو قطارن ۾ بيٺل آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم جهانگير چيو ته پاڪستان ۾ قانون نالي ڪا شيءَ ناهي، سڀ پنهنجي مرضموجب فيصلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي رينجرز حدون اورانگهي رهي آهي، ڊي جي رينجرز پاران پريس رليز ۾ لسٽ پڌري ڪرڻ قانون کان مٿانهون قدم آهي.  عاصمه جهانگير چيو ته فوجي عدالتون آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف آهن، دنيا جو ڪوبه قانون بيمار  قيدي کي ڦاهي جي اجازت نٿو ڏي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر چيو ته  ذهني مريض قيدين کي سوليءَ چاڙهي انسانين جي تذليل آهي. عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته ڦاهين تي عمل نه روڪيون ويو ته عدالتي ڪارروايون جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *