
اسلام آباد (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جي 64 سيڪڙو ايراضيءَ تي 5 سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي، اسان جي قومي پاليسي هاري دوست ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاري پئڪيج مان به مخصوص طبقي فائدو ورتو، سينيٽر سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري بلوچستان ۾ باغ تباهه ٿي رهيا آهن، هن چيو ته خراب زمينن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي پروگرام جي ضرورت آهي، سراج الحق موجب ننڍن هارين کي بنا وياج قرض ڏنو وڃي.