ملڪ جي ڏيوالي هجڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي عقل جو ڏيواليو نڪري ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اردو ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿڪجي پيو آهي ۽ هاڻ انگريزي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو آهي، عمران خان پاناما تي سياست ڪرڻ ڇڏي پنهنجوڌيان ڪي پي ڪي جي عوام تي ڏئي، ملڪ جو ديواليا هجڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي عقل جو ديواليو نڪري ويو آهي، هن چيو ته عمران خان هاڻ انگريزي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو سياست ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ اچن ٿا انهن وانگر پيسو ٺاهڻ نٿا اچن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي منفي سياست تباهه ٿي رهي آهي ڇو ته هو وقت مان ڪجهه نه سکي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان صحيح چيو آهي ته هو پاڪستان جو سياستدان آهي ئي نه، پاڪستان ۽ ان لاءِ بهتر آهي ته هو برطانيا هليو وڃي، ان جي نااهلي ۽ منفي سياست سبب کيس 2018 ۾ برطانيا وڃڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *