ملڪ جي مختلف حصن ۾ رود حادثا، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 23 ڄڻا فوت

لسٻيلا/ايبٽ آباد/ گوادر/لوئر اورڪزئي: ايجنسي جي علائقي سره ميلا ۾ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 2 ٻارن ۽ عورت سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا اورڪزئي ايجنسي کان ڪوهاٽ ويندڙ مسافر ڪوچ سره ميلا جي علائقي ۾ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارن ۽ عورت سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا جن ۾  3 عورتون ۽ ٻار به شامل آهي، ريسڪيو ٽيمن حادثي واري جاءِ تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوهاٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.لسٻيلي ڀرسان وندر ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لسٻيلي ڀرسان وندر ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. گودار کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ريسڪيون ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال منتقل ڪيو ، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. اسپتال ذريعن موجب، حادثي جي زخمين ۾ عورت سان گڏ ٻارڙا به شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ايبٽ آباد ڀرسان مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. حويليان ڀرسان بودلا واري علائقي ۾ مسافر بس تيز رفتاري سبب کاهي ۾ پئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته 4 لاشن ۽ 6 زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، لاشن ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *