ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڀارت کي مضبوط پيغام ڏنو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(م.ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڀارت کي مضبوط پيغام ڏنو آهي، پاڪستان جي دفاع لاءِ تيار آهي، ملڪ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت مسلسل ڪنٽرول لائين تي فائربندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۽ سالميت لاءِ هر حد تائين وڃي سگهي ٿو، ڪنٽرول لائين تي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي الزام لڳائڻ بدران غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان مقابلو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *