ملڪ جي توانائي بحال ڪرڻ جو حل صرف سنڌ ۾ آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (پهرين آگسٽ 2017ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو گيس ۽ 42 سيڪڙو تيل پيدا ڪندڙ واحد صوبو آهي، ملڪ جي توانائي بحال ڪرڻ جو حل صرف سنڌ ۾ آهي. هن اها ڳالهه اڄ مقامي هوٽل ۾ ورلڊ بينڪ پاران منعقد ڪيل ”پاڪستان سولر اينڊ رينيوايبل انرجي پروگرام“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار جي صدارت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جڏهن ته پروگرام جو ميزبان ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر پيتچاموٿو الانگوا ڪئي ۽ چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم آرگنائيزر هو. سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي صوبائي توانائي واري سيڪريٽري آغا واصف سنڌ ۾ رينيوايبل انرجي يعني شمسي ۽ هوا مان تيار ٿيندڙ بجليءَ جي صلاحيتن بابت آگاهي ڏني. انهيءَ کانپوءِ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيتچاموٿو الانگوا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 2013ع ۾ سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ قائم ٿيو. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن رينيواايبل انرجي پروجيڪٽ لاءِ زمين مختص ڪئي آهي. هن چيو ته گهارو ۽ جهمپير ونڊ ڪاريڊور ۾ ونڊ انرجي جا 15 منصوبا 785 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ وڌيڪ 450 ميگاواٽ جي 9 منصوبن تي ڪم جاري آهي.

سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ رينيوايبل انرجي مان 5500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته شمسي توانائي مان 10 ميگاواٽ، هائيڊرو مان 130 ميگاواٽ ۽ ڪچري سميت ٻين طريقن مان 1500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ گنجائش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سنڌ 70 سيڪڙو گيس ۽ 42 سيڪڙو تيل پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي توانائي بحران جو حل صرف سنڌ وٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا اسڪول شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪري رهيا آهيون، 2013ع ۾ سڀ کان پهرين ٿرپارڪر جي ٻن سرحدي ڳوٺن کي شمسي توانائي ذريعي بجلي فراهم ڪئي هئي، اهو اسان جي توانائي کاتي جو پهريون ڪم هو. هن چيو ته اسان پنهنجي پاور ڪمپني، ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني قائم ڪئي آهي ۽ ان جو پهريون منصوبو نوري آباد پاور پلانٽ آهي. انهيءَ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ سنڌ انرجي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تحت وزيراعليٰ هائوس کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *