ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪري مختلف معاملن سان ڳالهيون ڪيون آهن، پرويز خٽڪ چيو آهي ته هـُن ڪڏهن به وفاق جو بائيڪاٽ ناهي ڪيو، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺهي وڃي ته معاملا حل ٿي  ويندا. اسلام آباد ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه آصف ۽ شاهد خاڪان عباسي پڻ موجود هئا. ملاقات دوران ترقياتي منصوبن، صوبي اندر گيس ۽ بجلي جي چوري روڪڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته خيبرپختونخواهه جي قربانين جو اعتراف آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پرويز خٽڪ سان ملاقات مثبت رهي، بجلي ۽ گيس جي چوري روڪڻ واري معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته هـُن ڪڏهن به وفاق جو بائيڪاٽ ناهي ڪيو، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺهي وڃي ته معاملا حل ٿي  ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *