ملڪ جي ترقي جو رستو روڪيندڙن کي الله هدايت ڏئي: نواز شريف

inp 03-94اسلام آباد /مري(م.ڊ/بيورو) وزيراعظم نواز شريف عالمن سڳورن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري حڪومت کي درپيش مسئلن سان منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين، پاڪستان هن وقت هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، عالم هنن حالتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، دهشتگردي سان منهن ڏيڻ ۾ عالمن جو ڪردار ان لحاذ کان اهم آهي ته هو ٻين مسلمانن کي ان ڳالهه جي تعليم ڏئي سگهن ٿا ته اسلام هڪ پُرامن مذهب آهي ۽ تشدد کي فروغ نٿو ڏئي. وزيراعظم هائوس ۾ مختلف طبقي فڪر سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن جي وفد کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي سان منهن ڏيڻ ۾ به عالمن جو ڪردار ان لحاظ کان اهم آهي ته اهي ٻين مسلمانن کي ان ڳالهه جي تعليم ڏئي سگهن ٿا ته اسلام هڪ پُرامن مذهب آهي ۽ تشدد کي فروغ نٿو ڏئي. وزيراعظم موجودهه ملڪي حالتن ۾مختلف مذهبي اڳواڻن طرفان پيش ڪيل تجويزن جو به جائزو ورتو ۽ سندن سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سماجي تڪرار جي جلد حل لاءِ انصاف جي متبادل نظام ۾ سڌاري جي ضرورت آهي، ماڻهو ننڍن ننڍن معاملن جي حل لاءِ ڏهاڪن تائين عدالتن ۾ ڌڪاکائيندا رهن ٿا، متبادل نظام سان عدالتن کي وڌيڪ مضبوطي ۽ ماڻهن کي در تي سستو انصاف فراهم ٿيندو، متبادل نظامِ انصاف ۾ اهليت، ڏاهپ ۽ سٺي شهريت جي حامل ماڻهن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته موجودهه عدالتي نظام اندر جديد ٽيڪنالاجي جي وڌ کان وڌ استعمال کي فروغ ڏنو وڃي، قومي اسيمبلي اسپيڪر کي درخواست ڪريون ٿا ته انصاف جي متبادل نظام تي اتفاق راءِ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي. هو وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي انصاف جي متبادل نظام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ سُڌ سماءَ جو وفاقي وزير پرويز رشيد، منصوبابندي ۽ ترقي و مواصلات جو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ قانون سيڪريٽري ظف الله خان شريڪ هئا. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته انصاف جي متبادل نظام سان موجودهه عدالتي نظام کي وڌيڪ مضبوطي ۽ رليف ملندو ڇوته ان سان عدالتن ۾ ناقابل حل تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انصاف جي جي متبادل نظام ۾ سڌاري جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهو کي مهانگي انصاف جي نظام مان ڇوٽڪارو ملي جڏهن ته ان سان عدالتن تي ڪيسن جو بوج به گهٽبو، ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تڪرارن جو جلد کان جلد حل نڪري جڏهن ته ان لاءِ موجودهه عدالتي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي خاص ڪري تحقيقات جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي کان مدد وٺڻ ضروري آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ جرڳو سسٽم سماجي تڪرارن جي حل جو بهترين مثال آهي، لهذا انصاف جي متبادل نظام ۾ ڳوٺ، ٻهراڙي جي سطح تي قابل، ڏاهپ ۽ سٺي شهريت جي حامل ماڻهن کي اڳتي آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انصاف جي متبادل نظام لاءِ فوري طور تي قانون جو مسودو تيار ڪري ان تي قومي ۽ صوبائي ڪانفرنسز ۾ بحث ڪرايو وڃي. وڌيڪ هن چيو ته اسان قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق کي درخواست ڪريون ٿا ته انصاف جي متبادل نظام جي قانون تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيندڙن کي الله هدايت ڏئي، عوام سان چونڊن ۾ ڪيل هر واعدي کي پورو ڪيو، مري شهر جي خوبصورتي ۾ واڌ ڪئي ويندي، جي پي او جي نئين تعمير ڪري اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، پاڻي جي مسئلي کي مڪمل طور تي حل ڪرايو ويندو، مري جي ترقي لاءِ گڏيل منصوبو بڻايو ويو آهي، مري ۾ جديد اسپتال ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي. اهي ڳالهيون هن جي پي او چوڪ تي ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيون. وزيراعظم نواز شريف مري ۾ بس ٽرمينل جي بحالي جي منصوبي جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي بس ٽرمينل جي بحالي ۽ واڌ بابت بريفنگ به ڏني وئي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته 1 مئي 4 1 0 2 ع کان بس ٽرمينل تي ڪم شروع ڪيو ويو، هل ٽرمينل منصوبي جو 5 9 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، منصوبو 0 1 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿي ويندو، منصوبي تي 3 ڪروڙ 0 3 لک رپيا لاڳت آئي، پهرين مرحلي ۾ جي پي او جي ڇت تي ٻاهرين حصي جو ڪم جاري آهي، ٻئي مرحلي ۾ عمارت جي اندروني مرمت ۽ سيٽنگ ڪئي ويندي، ٻئي مرحلي جو ڪم اپريل 5 1 0 2 ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، بس ٽرمينل جي واڌ ۽ جي پي او جي بحالي مري ترقياتي منصوبي جو حصو آهي، ترقياتي منصوبي تحت پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي جي نظام سميت مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، مري ۾ رستن جي تعمير ۽ نئين پارڪنگ منصوبي تي به ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جو جائزو وٺڻ بعد وزيراعظم نواز شريف جي پي او چوڪ تي خطاب ڪندي چيو ته مري پاڪستان جي ڪجهه خوبصورت شهرن مان هڪ آهي، شهر جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي، جي پي او جي نئين تعمير ڪري ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، مري ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني پاڻ ڪندس، بس ٽرمينل سان علائقي جي ماڻهن کي سهولت ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *