ملڪ جي بقا، اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۾ آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشري مواد جهڙوڪ ڊراما، ڪارٽون ۽ فلمون ٺاهيون وينديون جنهن جو مقصد پنهنجي ڪلچر ۽ تاريخ بابت نوجوان نسل کي ڄاڻ ڏيڻ هوندو خميس تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ رحمت اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي واري جائزي جوا جالس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير پير نورالحق قادري، شفقت محمود، ڊآڪٽر انيس احمد، صاحبزاده سلطان احمد علي ۽ پروفيسر اعجاز اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس کي رحمت اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو ٻڌايو ويو ته اٿارٽِ جو آرڊيننس جاري ٿي چڪو، 6 ميمبرن تي ٻڌل بورڊ جي صدارت وزراعطم پاڻ ڪندو بورڊ ميمبرن ۾مقامي ۽ پرڏيهي سطح جا محقق شامل هوندا وزيراعطم هدايت ڪئي ته ميمبرن جي مقرري ۾ ميرٽ جو خاص خيال رکيو وڃي. اسلامي خانداني نظام ۽ ان جا معاشري تي هاڪاري اثرن تي به جاچ ٿيڻ گهرجي ٻڌايو ويو ته اٿارٽي نوجوانن کي وڌندڙ معاشرتي ۽ اخلاقي براين جهڙوڪ منشيات جي استعمال کان روڪڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي وزراعطم چيو ته ملڪ جي بقا، اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۾ آهي، اخلاقي قدرن جي بهتري لاءِ پاڻ سڳورن صلعم جي سيرت طيبه رهنمائي جو بهترين ذريعو آهي عمران خان چيو ته اٿارٽي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ميڊيا ۽ پرڏيهي سطح تي تحقيق جي ذريعي سيرت طيبه جي عملي زندگي مددگار ثابت ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *