ملڪ جو عوام عمران خان کان بيزار آهي، ان مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو: سعيد غني

ڪراچي، (اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات ۽ محنت کاتي جو صوبائي وزير سعيد غني ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو آهي ته گذريل ڏينهن پارليمينٽ لاجز تي حڪومتي رياستي دهشتگردي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي خلاف پيش ٿيڻ واري عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ شڪست قبول ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي هو غير جمهوري رستي تي هلي پيو آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد سان گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي آهي. پي ٽي آئي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي، جيڪا بحيثيت جماعت ڪرپٽ جماعت آهي. وزيراعظم جي ڪراچي ۾ تقرير هڪ شڪست واري تقرير هئي. هو بلاول ڀٽو جي اردو تي تنقيد ڪري رهيو آهي. عمران خان جي نه ذهني حالت ٺيڪ آهي ۽ نه ئي ان جو جغرافيه ۽ اردو ٺيڪ آهي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سنڌ ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊيون ٿين ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي روح جي مطابق قانون کي بهتر ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي نجمي عالم ان سان پڻ گڏ موجود هئا. انهن ٻنهي اڳواڻن چيو ته سڀ کان پهريان اسان پارليمينٽ لاجز تي رياستي جبر جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هن قدم سان رياستي دهشتگردي تصور ڪيون ٿا. سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت گهبراهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان گهبراهٽ ۾ هن جي يو آئي (ف) جي ٻن قومي اسيمبلي جي ميمبرن، هڪ سينيٽر ۽ ان جي درزن ڪارڪنن تي تشدد ڪيو. هن چيو ته پوليس پاران پارليمينٽ لاجز جي تقدس کي پامال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پارليمينٽ لاجز ۾ ان طرح جي دهشتگردي نه ٿي آهي ۽ هي سڀ عمران خان جي گهبراهٽ ۽ پريشاني کي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت ذهني طور تي ان ڳالهه کي مڃين ڇڏيو آهي ته ان جي خلاف پيش ڪيل تحريڪ عدم اعتماد منظور ٿي ويندي. سعيد غني چيو ته پاڻ عمران نيازي ان جي چول وزيرن ان ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته ان جا ميمبر قومي اسيمبلي ان کان بيزار ٿي چڪا آهن. ان لاءِ انهن عدم اعتماد وارن ڏينهن پنهنجي ميمبرن کي نه اچڻ ۽ جيڪڏهن ان جو ميمبر اسيمبلي ۾ اچي ته ان جي ووٽ کي تسليم نه  ڪرڻ جا اسپيڪر کي حڪم ڏنا آهن. سعيد غني چيو ته عمران خان جيڪو اڄ ڪلهه پريشان ۽ گهبراهٽ جو شڪار آهي هاڻي هو پاگل پڻ جي حد تائين پهچي چڪو آهي ۽ جهڙي طرح سان زبان استعمال ڪري رهيو آهي هو ان ڳالهه کي ثابت ڪري رهي آهي ته ان جا حواس ان جي قابو ۾ نه آهن ۽ هڪ شڪست واري وزيراعظم جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو جي اردو تي هو شخص تنقيد ڪري رهيو آهي. جنهن جو نه جغرافيه درست ۽ نه ئي ان جي اردو ٺيڪ آهي. هن چيو ٿه مان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا عمران خان جي ٽنهي پٽن کي اردو ايندي آهي. ڇا ان جا ٻار پاڪستان اچڻ کان قاصر ته نه آهن. ان موقعي تي وقار مهدي چيو ته مان سڀ کان پهريان پاڪستان جي عوام خاص طور تي صوبي سنڌ ۽ پنجاب جي عوام کي دل جي گهرائين سان عوامي لانگ مارچ ۾ تاريخي شرڪت تي مبارڪباد پيش ڪيا ٿو. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو 2000 ڪلو ميٽر وڏو 10 ڏينهن عوامي لانگ ۾ جهڙي طرح پوري سنڌ ۽ بعد ۾ پنجاب ۾ عوام عظيم الشان استقبال ڪيو ۽ قافلي ۾ شامل ٿيا هي پنهنجي مثال پاڻ هئا. وقار مهدي چيو ته گذريل ڏينهن پارليمينٽ لاجز ۾ رياستي دهشتگردي عمران نياز جي 146 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ ان جي طرفان پي ٽي وي تي حملو ڪرڻ ۽ پارليمينٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ياد تازه ڪئي آهي ۽ عمران نيازي جنهن طرح پارليمينٽ لاجز جي تقدس کي پامال ڪيو آهي ان تي پوري قوم ان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عمران خان جهڙي طرح جي زبان جو استعمال ڪري رهيو آهي، اسان به ڪري سگهون ٿا پر اسان جي قيادت اها تعليم ناهي ڏني. هن چيو ته مان عمران خان کي خبردار ڪيان ٿو ته اسان جا ڪارڪن نه ته چوڙيون پاتيون آهن ۽ نه ئي اسان خاموشي کي هو اسان جي ڪمزوي سمجهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي جيالن آمر ضياء ۽ مشرف جي دور ۾ پڻ ان جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اسان جا ڪارڪن ان جو مقابلو ڪرڻ جي پڻ مڪمل صلاحيت رکندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ملڪ جي صورتحال اهڙي ناهي جو ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، پرامن احتجاج مخالف ڌر جو حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ جو عوام عمران خان کان بيزار آهي ۽ ان مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جا جيڪي ميمبر عوام جو ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻو آهي ۽ هو هن نااهل ۽ چونڊيل وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ کان انحراف ڪري رهيا آهن ۽ هو هن نااهل کي گهر موڪلڻ لاءِ هٿ ڌوئڻ لاءِ تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پي ٽي آءِ جا درزنن ۾ ميمبر پنهنجي ايندڙ سياست کي بچائڻ ۽ عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ ان جي درميان وڃڻ لاءِ جي وجهه سان قومي اسميملي رڪنيت ڇڏڻ لاءِ تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو لياقت جتوئي پاڻ پڌرو ڪري ته هر سينيٽر کي سيٽ ڏيڻ لاءِ 35 ڪروڙ رپيا ورتا ويا آهن. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ووٽرن کي سينيٽ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا آهن ته پوءِ مان ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ ڪرپٽ پارٽي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي جي رٿ جو خاڪو آئين ۾ موجود آهي ۽ سموريون مخالف ڌر ان تي متفق آهن. سنڌ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن جي اعلان بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ان حوالي سان حڪومت سپريم ڪورٽ  جي فيصلي موجب قانون کي بهتر ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *