ملڪ جون موجوده حالتون چونڊن لاءِ نامناسب قرار، شريف ڀائرن سان ڊيل نه ٿيڻ گرجي: پرويز مشرف

ڪراچي (اين اين آءِ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ڇڪتاڻ واريون آهن جيڪي چونڊن لاءِ مناسب نه آهن، هن سياسي وٺ پڪڙ ۽ ڄنڊا پٽ دوران اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي، نواز شريف ڪرپشن سبب نااهل ثابت ٿي چڪو آهي، تنهنڪري شريف ڀائرن سان ڪا به ڊيل نه ٿيڻ گهرجي، نواز شريف جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهڻ آهي جيڪا کيس پراڻي بيماري آهي، مون تي به دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر نواز شريف جي سعودي عرب ۾ ڊيل بابت خبر نه آهي، پر ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب ٻنهي ڀائرن کي جاچ لاءِ گهرايو هجي ڇو ته اتي ڪرپشن جي خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ نواز ۽ شهباز جا اتي به ڪاروباري معاملا هئا، هن چيو ته ملڪ ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، حڪومت منهنجو رستو روڪڻ لاءِ مختلف طريقڪا استعمال ڪري رهيا آهي، ويزا پاسپورٽ جي حوالي سان مون کي تنگ به ڪيو پيو وڃي پر ان جي باوجود مان مناسب وقت تي پاڪستان ضرور ويندس، پرويز مشرف چيو ته بلاول ڀٽو ٻارڙو آهي ان لاءِ پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ زبان ۽ بيان ۾ تهذيب جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، هن مون تي پنهنجي ماءُ جو قتل الزام لڳائي منهنجي خلاف نعريبازي ڪرائي جيتوڻڪ سڀ ڄاڻين ٿا ته بي بي جي شهادت کان سڀ کان وڌيڪ فائدو آصف زرداري کي ٿيو. اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان، آمريڪا سان لاڳاپن ۾ لاهاچاڙها ايندا رهندا آهن ۽ ان جو ذميوار صرف آمريڪا آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن جنهن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڀارتي جاسوس ۽ دهشتگرد ڪل ڀوشن سان سندس زال ۽ ماءُ جي ملاقات پاڪستان پاران سٺو قدم آهي جنهن مان پاڪستان جي انساني حقن ۽ روداري جي ڀرپور ڪردار جي خبر پوي ٿي جنهن لاءِ سڄي دنيا کي پاڪستان جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *