ملڪ تي ڇانيل ڪارا ڪڪر جلد ٽري ويندا : نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان ۾ 5 4 ارب ڊالر جي سرمائيداري ڪري رهيو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ توانائي جي بحران جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو ۽ پاڪستان ترقي جي راهه تي هلي پوندو، جرمني ۽ چيني سرمائيدارن جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿيو آهي ۽ اهي پاڪستان ۾ سرمائيداري لاءِ تيار آهن، غير ملڪي سرمائيداري سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ ملڪ تي ڇانيل ڪارا ڪَڪر جلد ٽري ويندا. هو وزيراعظم هائوس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي ويچار ونڊيا ويا. ان دوران مولانا فضل الرحمان وزيراعظم نواز شريف جي اڳواڻي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي سندس پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ڪيل هاڻوڪي دورن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڏياري، ٻنهي اڳواڻن اتر وزيرستان مان آپريشن ضرب عضب سبب لڏي آيل آءِ ڊي پيز جي معاملي تي به ڳالهايو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي گذريل ڏينهن ٿيل جرڳي جي فيصلن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قبائلي اڳواڻ جلد پنهنجي گهرن ۾ واپس موٽڻ چاهين ٿا، آءِ ڊي پيز ملڪ لاءِ قرباني ڏئي رهيا آهن، آءِ ڊي پيز جي پُرامن ۽ جلد واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *