ملڪ اڳيان ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جون فوجون تيار آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) ڪور ڪمانڊرز پاڪ فوج جا پيشور معاملا، اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف آپريسن جو جائزو ورتو آهي، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف اسٽاف جرنل راحيل شريف جي صدارت ۾ اڱاري تي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي ڪانفرنس ۾ پيشور معاملا، اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق عسڪري قيادت پاڪ فوج جي پيشور تيارين تي ڀرپور اطمينان جو اظهار ڪيو، عسڪري قيادت دهشتگردن همدردن خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جو عزم ورجايو، ان موقعيتي آپريشن ضرب عضب سميت ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ ۽ رياست جي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ هٿياربند فوج جي ڪاررواين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ذريعن مطابق عسڪري قيادت يوم دفاع جي 50 سالا تقريبن جي موقعي تي فوج ۽ قوم جي ڀرپور جذبي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اهو عزم ورجايو ته ملڪ اڳيان ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جون فوجون تيار آهن، ڪور ڪمانڊرز سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ جان قربان ڪندڙ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي واضح ڪيو ته ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ دهشتگردن ۾ ڪنهن به صورت ۾ واپس اچڻ نه ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *