ملڪ انهن بيوقوفن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي لوهه کپائڻ ڄاڻن ٿا حڪومت هلائڻ نه: آصف زرداري

کپرو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀٽو ازم هڪ فلسفي، جذبي ۽ سوچ جو نالو آهي، ملڪ جي ڏور انهن بيقوفن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي لوهه کپائڻ ڄاڻن ٿا پر حڪومت ڪرڻ ۽ هلائڻ نٿا ڄاڻن. ڪرڪيٽ راند ۽ ملڪ هلائڻ ۾ وڏو فرق آهي. کپري ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته عوام ڏسي رهيو آهي ته يمن، افغانستان، سيريا ۽ عراق ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، مون کي خوف آهي. هن چيو ته ڀٽو ازم کي مون کان وڌيڪ ڪنهن وڌيڪ ويجهو کان ڏٺو، اسان هن ڌرتي جا ماڻهو آهيون، اسان کي مسئلن جي خبر آهي. دنيا انٽرنيٽ ذريعي هوشيار پئي ٿئي ۽ هي پوئتي وڃي رهيا آهن، جي آءِ ٽي مان انهن کي مان تڪليف ٿي رهي آهي، راند ۽ پاڪستان هلائڻ ۾ وڏو فرق آهي، وقت ايندو انهن کي ڏيکارينداسين. هن چيو ته نيب روزاني تنگ ڪرڻ لاءِ ايندي آهي، جيڪي پيپلا ضيا جي مارشل کان نه ڊڳا، ڦاهين ۽ جيلن کان نه ڊڳا اهي نيب کان ڊڄندا، اسان جي پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نه انهن کي سي پيڪ جي خبر آهي ۽ نه ئي وري انهن کي چين سان اسان جي دوستي جي خبر آهي. سڄي پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، وقت ايندو اسان انهن کي ٻڌائينداسين ۽ سڄي سنڌ ۾ شمسي پمپ لڳرائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *