
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي قيادت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 42
ڪيو ويندو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اندرين ۽ ٻاهرين سلامتي واري صورحال تي جائزي وارو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ٽنهي فوجن جي سربراهن، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ۽ قومي قيادت ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي خودمختياري کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته دنيا والاريل ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺي. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج حملي کي ناڪام بڻائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ اداران جي بهادري تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.