ملڪي سلامتيءَ ۽ بقا لاءِ هر امڪاني قدم کنيا ويندا: پاڪستان

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان گڏجي دهشتگرديءَ تي ضابطو آڻي سگهن ٿا، سرحدي انتظام ٻنهي ملڪن جي بهتر مفاد ۾ آهي، پاڪستان قومي سلامتيءَ لاءِ گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو. 13هين اقتصادي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس دوران ڪشمير وارو معاملو ڀرپور انداز ۾ کنيو ويو. پاڪ افغان سرحد بند ڪرڻ جو فيصلو ملڪي سلامتي کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا هفتيوار پريس بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڀارت سڄي دنيا ۾ هٿيار خريد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي پر پاڪستان خطي ۾ طاقت جو توازن ۽ گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو. ترجمان چيو ته هندي سمنڊ ۾ ڀارت جي ايٽمي سرگرميون خطي ۽ عالمي سطح تي ڳڻتيءَ جو سبب آهن ۽ عالمي ادارا نيوڪليئر سپلائرز گروپ جي رڪنيت ڏيڻ وقت ڀارت جي غير معمولي ايٽمي ۽ دفاعي سرگرمين کي نظر ۾ رکن. پاڪ افغان سرحد جي بندش بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان کي افغانستان سان سرحد بند ڪرڻ کي مجبور ڪيو ويو. لاهور، مهمند ايجنسي ۽ چارسده ۾ ڪيل دهشتگرد حملن جي ذميواري جماعت الاحرار ۽ تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي جن جون افغانستان ۾ محفوظ پناهگاهون قائم آهن، پاڪستان ملڪي سيڪيورٽيءَ کي نظر ۾ رکندي افغان سرحد کي بند ڪيو ڇو ته ملڪ جي سيڪيورٽي اسان لاءِ سڀني کان وڌيڪ مقدم آهي. ترجمان چيو ته هي معاملو ڪيترائي ڀيرا افغان اختيارين آڏو اُٿاريو ويو پر انهن گروپن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي. ترجمان چيو ته بارڊر مئنجيمنٽ اهم معاملو آهي پاڪستان ۽ افغانستان گڏجي دهشتگرديءَ تي ضابطو آڻي سگهن ٿا. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي کدڙن فقيرن جي گرفتاريءَ بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته سعودي پوليس جي تشدد سان کدڙي فقير جي فوت ٿيڻ واري ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي. هن چيو ته اهو دل جو دؤرو پوڻ سبب فوت ٿيو آهي جڏهن ته ٻين کي مقامي قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي گرفتار ڪيو ويو. ايڪو سربراهه اجلاس بابت سوال تي ترجمان چيو ته ڪامياب سربراهه اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ انهن سي پيڪ منصوبي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته سربراهه اجلاس دوران ٻه طرفي ڳالهين ۾ ڪشمير جو معاملو به ڀرپور انداز ۾ اُٿاريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *