ملڪي حالتن کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي جلد حالتون معمول تي اچي وينديون: سراج الحق

پشاور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جماعت اسلامي جي وفد سان گڏ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو، سراج الحق چيو آهي ته ملڪي حالتن کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي جلد حالتون معمول تي اچي وينديون. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پشاور ۾ دهشتگردي جو شڪار بڻيل آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ استادن توڙي ٻارڙن سان ملاقات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پشاور سانحي ۾ معصوم ٻارڙن جي شهادت سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، وقت اچي ويو آهي حڪومت پنهنجي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي. هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن مان مايوس نه ٿيڻ گهرجي، جلد حالتون معمول تي اچي وينديون، هن مرحلي تي ذات ۽ سياست کي وساري قوم لاءِ سوچڻ گهرجي. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني قوم گڏ ٿي وڃي ته ائٽم بم کان به وڌيڪ سگهه رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *