ملڪي تجارتي خساروۡ: جمهوري ۽ فوجي حڪومتون نجات حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (اين اين آءِ) جمهوري ۽ فوجي حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون پر ملڪي تجارتي خساري مان ڪابه حڪومت نجات نه ڏياري  سگهي مشرف دور تجارتي خساري ۾ واڌ جي شرح ۾ گوءِ کڻي ويو ڀٽو دور ۾ تجارتي خسارو چئوڻ تي ضياءالحق جي دور ٻيڻ تي مشرف دور ۾ 14هوڻ تي پ پ پ جي دور ۾ تجارتي خسارو 15 ارب 35 ڪروڙ ڊالر تائين پهتو جڏهن ته نوازشريف دور ۾ ملڪي تاريخ جو رڪارڊ تجارتي خسارو مالي سال 18-2017 ۾ 31 ارب 82 ڪروڙ ڊالر ٿيو سرڪاري دستاويزن جي انگن اکرن مطابق خسارو گذريل مالي سال ۾ 28 ارب ڊالر تائين پهچي ويو امپورٽيڊ جي لحاظ کان سڀ کان ڳرو مالي سال 2017-18 رهيو جنهن ۾ 56 ارب 59 ڪروڙ ڊالر جي امپورٽيڊ ڪئي ويئي تجارتي خساري جي ڪنٽرول مان نڪرندڙ مسئلي تي ڳالهائيندي لاهور چيمبر جي اڳوڻي صدر پرويز حنيف چيو ته ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ايڪسپورٽ جو حجم اهم ڪردار ادا ڪري ٿو جيستائين تجارتي خسارو گهٽ نه ٿيندو پيداواري لاڳت وڌندي جڏهن ته امپورٽيڊ وڌڻ سان مهانگائي به وڌندي رهندي تجارتي خسارو گهٽائڻ جو هڪ ئي طريقو  آهي ته مقامي انڊسٽري کي هٿي وٺرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *