ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تائين پهچي وئي

اسلام آباد(بيورو) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تائين پهچي وئي، جڏهن ته کوٽ 3 هزار ميگاواٽ تائين آهي، هن وقت شهري علائقن ۾ 6 ۽ ٻهراڙين ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت عيد جا ٽئي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي پڪ ڏياري هئي پر عيد کان هڪ ڏينهن پهرين 5 کان 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊول جاري ڪيو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته کوٽ 3 هزار ميگاواٽ آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن اندر پيداوار 17 هزار ميگاواٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن مطابق نيشنل گرڊ سسٽم جي اپ گريڊيشن سب رڪارڊ بجلي ورهائي پئي وڃي، ان کان پهرين جنوري ۾ نيشنل گرڊ 15 هزار 400 ميگاواٽ جو بار نه پئي کڻي سگهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *