ملڪي تاريخ  ۾ هڪ به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ هڪ معجزو آهي، افسوس آهي ته 70 ورهين ۾ هڪ به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 70 ورهين دوران ملڪ ڪيترن ئي اهم مرحلن مان گذري رهيو آهي، جنهن دوران ڪيتريون ئي ڪاميابيون به حاصل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي بلند ترين شرح سطح تي هئي پر ٻن ٻن سالن دوران حڪومتون برطرف ڪري 90 جي ڏهاڪي کي غير مستحڪم ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته 70 ورهين ۾ ڪيترائي ملڪ پوئتي هئا جيڪي اڳتي نڪري چڪا آهن، ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ڊگهي استحڪام جو دور نظر ايندو. احسن اقبال چيو ته 1960ع ۾ پاڪستان کي جاپان کانپوءِ اڀرندڙ معيشت چيو پئي ويو، وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ۾ گهڻي خرابي هئي، هو تمام معصوم وزيراعظم هو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ به حڪومتن ۾ تسلسل نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو به اسان کي پوئتي ڇڏڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته من موهن جڏهن وزيراعظم هو ته سرتاج عزيز کان سڌارن ايس آر اوز گهريا هئا . سندس چوڻ هو ته هاڪاري سوچ ڪاميابي آڻيندي آهي ۽ ناڪاري سوچ ناڪامي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ هاڪاري رکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *